ڪابل ۾ سياسي تقريب تي حملو 32 فوت، داعش ذميوار

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان جي گادي واري شهر ۾ هڪ سياسي تقريب تي حملي ۾ 32 ماڻهو فوت ۽ 29 ٻيا زخمي ٿي پيا آهن. داعش ذميواري قبولي ورتي.عبدالله عبدلله به تقريب ۾ موجود هو جيڪو محفوظ رهيو. بظاهر لڳي تو ته هن کي ئي ٽارگٽ ڪيو ويو هو. طالبان حلي کان لاتعلقي جو اظهار ڪيو آهي. دوحه ۾ آمريڪا ۽ طالبان ۾ ٿيل امن معاهدي جي هڪ هفتي بعد گادي واري شهر تي هي وڏو حملو آهي. افغان سيڪورٽي فورسز ۽ حمله آورن ۾ فائرنگ جاري آهي ۽ رجمان موجب ڪجهه وقت ۾ علائقو ڪليئر ٿي ويندو. برطانوي خابرو اداري رائٽر جو چوڻ آهي ته هزارا برادري جي ليڊر عبدالعلي مزاري جي ورسي جي تقريب منعقد ڪئي وئي هئي. مزاري کي 1995 ۾ طالبان قيد ڪري قتل ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو