ڪائونٽي ڪرڪيٽ ۾ اظهر علي جي پهرين ڊبل سينچري

ڪائونٽي ڪرڪيٽ ۾ اظهر علي جي پهرين ڊبل سينچري

ڊربين(اسپورٽس نيوز)قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ بيٽسمين اظهر علي موجوده ڪائونٽي چيمپيئن شپ ۾ ڊبل سينچري اسڪور ڪري ورتي آهي. اظهر علي پنهنجي شاندار ڪارڪردگي جي بدولت موجوده ڪائونٽي چيمپيئن شپ ۾ ڊبل سينچري اسڪور ڪندڙ ٻيو پاڪستاني بڻجي ويو. ان کان اڳ شان مسعود ڊربي شائر جي نمائندگي ڪندي ڊبل سينچري اسڪور ڪري چڪو آهي. ورسيسٽر شائر جي نمائندگي ڪندڙ اظهر علي ليسٽر شائر خلاف 328 بالن تي ڊبل سينچري اسڪور ڪئي. هي پاڪستاني بيٽسمين جي ڪائونٽي ڪرڪيٽ ڪيريئر ۾ پهرين ڊبل سينچري آهي جنهن دوران هن 18 چوڪا ۽ 1 ڇڪو لڳايو.

پهنجو تبصرو موڪليو