کنڊ ۽ اٽي جي بحران جا ذميوار ترين ۽ خسرو آهن، شهباز

لنڊن (ويب ڊيسڪ) قومي اسمبلي ۾ اپوازيشن ليڊر ميان شهباز شريف مطالبو ڪيو آهي ته جهانگير ترين ۽ خسرو بختيار جي شگر ملز ۽ فلور ملز جو اسٽاڪ چيڪ ڪيو وڃي. لندن مان جاري ڪيل بيان ۾ هن الزام هنيو آهي ته اهي ٻئي عمران خان جا اي ٽي ايم آهن ۽ هٿرادو بحران پيدا ڪري هو پنهنجا اي ٽي ايم ڀري رهيا آهن ۽ اهي عمران حڪومت جا ميگا ڪرپشن اسڪينڊل آهن جن جي جاچ ٿيڻ گهرجي. شهباز شريف جيڪو پنهنجي ڀاءُ ميان نواز شريف سان علاج لاءِ لنڊن ۾ ترسيل آهي تنهن وڌيڪ چيو آهي ته هن مهل تائين حڪومت جاچ کان لنوائي رهي آهي. هن مطالبو ڪيو ته کنڊ ۽ اٽي جي بحران جي جاچ لاءِ پارليماني ڪميشن جوڙي وڃي جيڪا ذميوران جو تعين ڪري. هن چيو ته اڳ ۾ ڪڻڪ ۽ کنڊ پرڏيهه موڪلي وري هاڻي درآمد ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو