کنڊ وڌيڪ مهانگي، 230 رپيا في ڪلو تائين پهچي وئي

کنڊ وڌيڪ مهانگي، 230 رپيا في ڪلو تائين پهچي وئي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سڄي ملڪ ۾ مهانگائي جو راج آهي، کنڊ سميت مختلف کاڌي پيتي جي شين جا اگهه وڌي ويا آهن.بلوچستان جي علائقي چمن ۾ کنڊ 230 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهي آهي.مقامي ڊيلرز موجب چمن ۾ اٽي جي 100 ڪلوگرام جي ٻوري 17 هزار رپين ۾ وڪرو ٿي رهي آهي.مقامي ڊيلرز جو اهو به چوڻ آهي ته چمن ۾ چنا 520 رپيا في ڪلو جڏهن ته دال 500 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهي آهي.هوڏانهن بلوچستان جي راڄڌاني ڪوئيٽا ۾ کنڊ جي في ڪلو اگهه ۾ 15 رپيا واڌ ٿي وئي آهي، جنهن کانپوءِ ان جو في ڪلو اگهه 205 رپين مان وڌي 220 رپين جي رڪارڊ سطح تي پهچي ويو آهي.ڪوئيٽا شهر جي مضافات ۾ به کنڊ 230 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهي آهي.گذريل 4 ڏينهن دوران ڪوئيٽا ۾ کنڊ جي في ڪلو قيمت ۾ 40 رپيا واڌ ٿي وئي آهي.پنجاب جي راڄڌاني لاهور جي اوپن مارڪيٽ ۾ کنڊ 175 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهي آهي.مارڪيٽ ذريعن موجب لاهور جي ننڍن وڏن دڪانن ۽ مارڪيٽن ۾ کنڊ غائب ٿي وئي آهي.پنجاب جي خوراڪ کاتي جي ذريعن موجب شگر ملن جي مالڪن حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي، کنڊ جا اگهه ۽ اسٽاڪ چيڪ ڪرڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.ٻئي طرف پنجاب جي شهر سرگوڌا ۾ 3 ڏينهن دوران کنڊ جو اگهه 35 رپيا مهانگو ٿي ويو آهي.مارڪيٽ ذريعن موجب سرگوڌا ۾ ڪمند جو اگهه 35 رپيا مهانگو ٿيڻ بعد 150 رپيا في ڪلو مان وڌي 185 رپيا في ڪلو ٿي ويو آهي.ملڪ جي سڀ کان وڏي شهر ۽ سنڌ صوبي جي راڄڌاني ڪراچي جي هول سيل مارڪيٽ ۾ ڪمند جو في ڪلو اگهه 4 رپيا وڌي 175 رپيا ٿي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو