حيدرآباد (بيورو رپورٽ) کنڀي گم ڪيل سنڌ سُجاڳي فورم جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري ۽ ھاءِ ڪورٽ جو وڪيل محب علي عرف آزاد لغاري گهر پهچي ويو آهي. سنڌ سجاڳي فورم جي مرڪزي اڳواڻ سهڻي جويو چيو آهي ته محب آزاد لغاري کي گذريل رات دير سان ڇڏيو ويو ۽ فجر مهل گهر پهتو آهي. محب آزاد لغاري کي 4 سيپٽمبر تي ڪاري وفگو گاڏي ۾ اغوا ڪيو ويو هو. محب آزاد لغاري جي آزادي بابت حيدرآباد جي عدالت ۾ ڪيس هلي رهيو هو، جڏهن ته وڪيل برادري لاڳيتو سراپا احتجاج بڻيل هئي. محب آزاد لغاري جو چوڻ آهي ته مون کي رات دير سان اڻڄاتل ماڻهو ڇڏي ويا، فجر مهل گهر پهتو آهيان. ياد رهي ته هو سارنگ جويو جو ويجهو دوست آهي ۽ سارنگ جي کنڀجڻ تي احتجاج به ڪيو هو، سارنگ جي واپس اچڻ جي فوري بعد هو کنڀجي ويو هو.










