نوشھرو فيروز(رپورٽ اسد علي عمراڻي) کنڀي گم ڪيل انٽر جي شاگردن غلام رسول شر ۽ بشير شر سميت محفوظ نوتڪاڻي، عاقب چانڊيو ۽ مھراڻ ميراڻي سميت سڀني قومي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ سٽي پريس ڪلب کان سنڌو چوڪ تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاھري جي اڳواڻي سنڌ سڀا جسقم جساف ايس يو پي ۽ شر برادري ڪئي احتجاج ڪندي مظاھرين چيو ته معصوم شاگردن اگر ڪو گناهه ڪيو آهي ته انهن کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. غلام رسول ۽ بشير شر جي والد عبدالرزاق شر چيو ته سندس ٻارڙن جو ڪو به قصور ناهي رياستي ادارا قانوني حدون اورانگهي رهيا آهن.










