کنڀيل ڪارڪنن جي بازيابي لاءِ احتجاج

کنڀيل ڪارڪنن جي بازيابي لاءِ احتجاج

نوشھرو فيروز (رپورٽ اسد علي عمراڻي)ڪراچي جي سچل ڳوٺ واري علائقي مان 45 ڏينهن اڳ ٻن ڀائرن غلام رسول شر ۽ بشير شر کي گهر مان زبردستي کنڀي گم ڪرڻ خلاف وارثن عوامي  پريس ڪلب نوشھرو فيروز  اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. وارثن عبدالجبار شر علي مردان شر باغي  رستم ۽  ٻين ميڊيا کي ٻڌايو ته سنڌ مان کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن کي گهرن ۾ داخل ٿي کنڀي گم ڪرڻ غير قانوني عمل آھي جنهن کي اسان ڪڏھن به برداشت نه ڪنداسين سنڌ مان ڪيترن ئي قومي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪيو ويو آھي جن کي اڃان تائين آزاد نه ڪيو ويو آھي جيڪڏھن انهن تي ڪو ڪيس آھي ته انهن کي قانون موجب سامهون آندو وڃي احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته غلام رسول شر ۽ بشير شر سميت سنڌ مان کنڀي گم ڪيل سمورن قومي ڪارڪنن کي جلد کان جلد آزاد ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو