کنڀيل ڪارڪنن جي بازيابي لاءِ احتجاجي ڪيمپ

کنڀيل ڪارڪنن جي بازيابي لاءِ احتجاجي ڪيمپ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سنڌ مان کنڀي گم ڪيل ڪارڪنن جي بازيابي لاءِ وائيس آف سنڌ پاران ٽن ڏينهن واري احتجاجي ڪيمپ لڳائي وئي. وائيس آف سنڌ جي سربراهه سڪندر چانڊيو، جيئي سنڌ تحريڪ جي سورهيه سنڌي، انور بڙدي ۽ ٻين احتجاج ڪيو. هنن ان موقعي تي اسلام آباد جي نيشنل پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪندي نعريبازي ڪئي. هنن چيو ته 70 کان مٿي سنڌ جا قومي ڪارڪن جبري طور کنڀي گم ڪيا ويا آهن ۽ رياستي ادارا دهشت ڦهلائي رهيا آهن ته جيئن سنڌ جا قومي ڪارڪن سنڌ جي حقن لاءِ آواز نه اٿاري سگهن.

More than 70 workers have disappeared from Sindh, Photo Sindhyar

هنن چيو ته سنڌ جي وسيلن تي ناجائز قبضن خلاف ۽ پنهنجي وسيلن جي مالڪي لاءِ اسين جدوجهد جاري رکنداسين. هنن انساني حقن جي ادارن تي زور ڀريو ته هو سنڌ مان کنڀي گم ڪيل ڪارڪنن جي بازيابي لاءِ آواز اٿارين. هنن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن ڪارڪن خلاف ڪا شڪايت آهي ته عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو