اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سيڪورٽيز ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان(ايس اِي سي پي) جو کنڀي گم ڪيل آفيسر ساجد گوندل گهر پهچي ويو آهي. هو 6 ڏينهن لاپته رهڻ بعد گهر پهتو. پاڪستاني ميڊيا ذريعن جي حوالي سان سندس بازيابي جي خبر هلائي ۽ ڪجهه دير بعد هن ٽوئٽر تي پنهنجي گهر بحفاظت پهچڻ جي تصديق ڪئي آهي.










