کرڙو شاخ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ،سوين ايڪڙ سڙي ويا

کرڙو شاخ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ،سوين ايڪڙ سڙي ويا

غوثپور (ن سنڌيار) غوثپور۔ ڀرسان تنگواني لنڪ روڊ واري علائقي ۾ گذريل ڪيتري عرصي کان کرڙو شاخ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ سبب علائقي جي ڪيترن ئي ڳوٺاڻن جي ھزارين ايڪڙ فصل کي ڪاپاري نقصان جو خدشو پئدا ٿي ويو آھي۔ پاڻي جي شاخ ۾ کوٽائي سبب ڀرپاسي جي ڪيترن ئي ڳوٺن ڳوٺ ماستر سھراب بجاراڻي۔ ڪريم خان بجاراڻي۔ مسو پنھور۔ نورحسن بجاراڻي۔ ميرواھ۔ مڇي ٻنڍو۔ ڳوٺ اقبال بجاراڻي سميت ٻين ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ آبادگارن جي ھزارين ايڪڙن تي بيٺل فصلن کي ڪاپاري ڌڪ لڳڻ جا واضع امڪان موجود آھن۔ ٻئي پاسي متاثر ڳوٺاڻن جي پاڻي جي کوٽ خلاف ڪيل احتجاج جو به آبپاشي عملي ڪو نوٽيس نه ورتو آھي جنھن سبب آبادگارن ۾ مايوسي جي لھر پکڙجي ويئي آھي۔ علائقي جي سياسي سماجي ۽ سول سوسائٽي جي حلقن آبپاشي جي واسطيدار عملدارن کان مطالبو ڪيو آھي ته جلد کان جلد کرڙو شاخ ۾ پاڻي جي ھٿراڌو کوٽ ختم ڪئي وڃي نه ته سخت احتجاج ڪنداسين

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو