ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)تعليم ۽ ثقافت واري صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه چيو آهي ته ٽرانس جينڊر جي تعليم جي حوالي سان ملڪ ۾ پهرين پاليسي سنڌ ۾ منظور ٿي رهي آهي پيپلز پارٽي هميشه معاشري ۾ پٺتي پيل طبقي جي فلاح جي حوالي سان قانونسازي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي اها ڳالهه هن اڄ پنهنجي آفيس ۾ ٽرانس جينڊر ايجوڪيشن پاليسي جي سلسلي ۾ ڪوٺايل هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي چيف ايڊوائيزر جائيڪا عابد گل، چيف ايڊوائيزر ڪريڪيولم اسڪول ايجوڪيشن کاتو ڊاڪٽر فوزيا خان ۽ ٻيا موجود هئا. اجلاس ۾ ٽرانس جينڊر ايجوڪيشن پاليسي ڊرافٽ ۽ ان ڏس ۾ ٿيل اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. تعليم واري صوبائي وزير سيد سردار شاهه چيو ته بدقسمتي سان ٽرانس جينڊر ڪميونٽي کي تعليم حاصل ڪرڻ جي حوالي سان ڪيترن ئي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، ٽرانس جينڊر ڪميونٽي کي معاشري جي منفي روين کان ڪڍڻ لاءِ انهن کي تعليم جي ميدان ۾ اڳتي آڻڻ لازمي آھي. هن چيو ته شروعاتي طور تي هر ڊويزنل هيڊڪوارٽر ۾ ٽرانس جينڊر اسڪول کوليو ويندا اهڙا اسڪول انهن علائقن ۾ کوليا ويندا جتي ٽرانس جينڊر ڪميونٽي جا ماڻهو گڏجي رهندا آهن هن چيو ته معاشرتي روين ۽ سٺي تعليم حاصل ڪرڻ سان ٽرانس جينڊر ڪميونٽي کي روزگار جا سٺا موقعا ملي سگهن ٿا. سيد سردار علي شاهه چيو ته آرٽيڪل 25 اي جي تحت ملڪ جي هر ٻار لاءِ تعليم بنيادي حق آهي ۽ تعليم ڏيڻ رياست جي ذميواري آهي، ٽرانس جينڊر ڪميونٽي به هن ملڪ جا شهري آهن ۽ انهن کي تعليم جا برابري جا موقعا فراهم ڪرڻ رياست جي ذميواري آهي هن چيو ته ملڪ ۾ ٽرانس جينڊر ايجوڪيشن پاليسي آڻيندڙ سنڌ واحد صوبو آهي پيپلز پارٽي هميشه معاشري جي پٺتي پيل طبقي جي بھبود جي حوالي سان قانون سازي ۾ پنهنجو نمايان ڪردار اد اڪيو آهي سيد سردار علي شاهه چيو ته فارمل تعليم کان علاوه اسين ٽرانس جينڊر ايجوڪيشن پاليسي ۾ نان فارمل ۽ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن کي به پاليسي جو حصو بڻائينداسين. ان موقعي تي اجلاس ۾ ٽرانس جينڊر ايجوڪيشن پاليسي کي هتمي شڪل ڏيڻ جي حوالي سان مختلف تجويزن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. اجلاس ۾ صوبائي وزير کي آگاهي ڏني وئي ته ٽرانس جينڊر ايجوڪيشن پاليسي جي سلسلي ۾ ڪميونٽي سان مشاورت جو عمل به جاري آهي ۽ ڪميونٽي پاران ايندڙ تجويزن کي پاليسي جو حصو بڻايو ويو آهي ان موقعي تي صوبائي وزير سيد سردار شاهه چيو ته ٽرانس جينڊر ايجوڪيشن پاليسي جي منظوري بعد ڪميونٽي سان گڏجي عملدرآمد جي حوالي سان اعلان پڻ ڪيو ويندو ته جيئن ھن معاشري ۾ ٽرانس جينڊر ڪميونٽي کي عام شهري جيان سندن حَقن ۽ تحفظ جي احساس کي هٿي ملي سگھي.










