کبڙ جي واڍي تيزي سان جاري علائقي جي سونهن ختم ٿي وئي

کبڙ جي واڍي تيزي سان جاري علائقي جي سونهن ختم ٿي وئي

صالح پٽ(رپورٽ نياز مهر) صالح پٽ لڳ آرڊي 186 ويجهو کٻڙ  جي وڻ جي  واڍي تيزي سان جاري واپارين علائقي  جي سونهن ختم ڪري ڇڏي .انتظاميا جي ملي ڀڳت سان صاحب خان ملاح روزانه جي بنياد تي وڻ وڊائي لندي قوتل جي واپاري.شاه زمان ۽ڪوئيٽا جي الله ڏوايو کي سستي اگهه تي ٽرالر ڀري  وڪرو ڪرڻ لڳو علائقي واسين جو چوڻ آهي ته کبڙ سئو 100 سال کان پوء وڏو ٿيندو آهي ان جي نسل ڪشي ڪرڻ سان علائقو ويران ٿي ويندو ان سان گڏو گڏ مختلف بيماريون پڻ جنم وٺنديون ڇاڪاڻ ته وڻ اسان جي جياپي جو ذريعو آهن علائقي واسين مطالبو ڪندي چيو ته کٻڙ جي نسل ڪشي بند ڪرائي اسان جي مستقبل کي تباهي کان پچايو وڃي ٻئي طرف معلوم ٿيو آهي ته وائڊ لائيف کاتي وارن کٻڙ جي ڪاٺين سان ڀريل ٽرالو تحويل ۾ وٺي ڊرائيور گل نصير کي گرفتار ڪيو ويو آهي جڏهن ته چوٻول آهن ته واپارين ۽ وائلڊ لائيف کاتي وارن ۾ ڊيل ٿي رهي آهي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو