ڦُر دوران هٿياربندن جي فائرنگ، نوجوان دوڪاندار قتل

ڦُر دوران هٿياربندن جي فائرنگ، نوجوان دوڪاندار قتل

ڪشمور (ن س) ڪشمور ٿاڻي جي حد نيو سبزي منڊي ۾ ڪريانه جو دوڪان هلائيندڙ نوجوان صادق آباد واسي قمبر پنجابي اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿي ويو. ذريعن موجب صبح سوير ٽن هٿياربند ڌاڙيلن دوڪان تي ڪاهه ڪري هٿيارن جي زور تي ڦُر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. مزاحمت تي جوابدارن نوجوان تي سڌيون گوليون هلائي کيس قتل ڪري ڇڏيو ۽ موقعي تان آساني سان فرار ٿي ويا. واقعي بعد شهر ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ به ساڳئي دوڪان تان لکين رپيا ڦُر ڪيا ويا هئا، جڏهن ته اڄ ٻيهر ساڳئي هنڌ تي اهڙو افسوسناڪ واقعو پيش اچڻ امن امان تي وڏو سوال آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو