ڦورن ۽ پوليس ۾ مقابلو 2 راهگير ۽ هڪ ڦورو مارجي ويا

ڦورن ۽ پوليس ۾ مقابلو 2 راهگير ۽ هڪ ڦورو مارجي ويا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي گادي واري شهر جي سيڪٽر آءِ ايٽ ۾ 3 ڦورو هڪ شهري کان ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته شهري شور مچايو، جنهن تي گشتي پوليس پارٽي ڦورن جو پيڇو ڪيو. ان دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 راهگير ۽ هڪ ڦورو زخمي ٿيا جن کي پوليس اسپتال پهچايو ته ٽئي فوت ٿي ويا. اهو معلوم ناهي ته راهگير ڪنهن جي فائرنگ ۾ فوت ٿيا. پوليس جو چوڻ آهي ته  2 ڦورو فرار ٿي ويا هئا جن جي ڳولا جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو