نوشهرو فيروز(ن سنڌيار)برساتي پاڻي ۾ ٻڏي 2 ٻار فوت خبر موجب ڦل شهر ۾ پوليس اسٽيشن ڀرسان برساتي پاڻي ۾ وِھنجدي 2 معصوم نينگر 7 سالن جو قدير پٽ ضمير ملاح ۽ 6 سالن جو ايان پٽ علي ملاح ٻڏي ويا. معصومن کي علائقي واسين فوري طور تي ڪڍي ورتو ۽ بيهوشي واري حالت ۾ کين نواب شاھ اسپتال نيو پئي ويو ته ٻئي نينگر رستي ۾ ئي فوت ٿي ويا. معصوم نينگرن جا لاش گهر پهچڻ تي ڪُهرام مچي ويو.










