ميروخان (ن سنڌيار) ميرو خان لڳ ڳوٺ نئون ٺارو وڌو لڳ موٽر سائيڪل سوارن تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ٻه معصوم نينگر مارجي ويا. هڪ ڄڻو سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. قتل ٿيلن ۾ 10 ورهين جو الله ورايو، 7 ورهين جو شڪيل پٽ نظر بروهي شامل آهن. وارثن جو چوڻ آهي ته قتل ٿيل نينگرن ۽ سندن پيءُ جي ڪنهن سان به دشمني نه هئي، هٿياربندن ڦورو لڳي رهيا هئا جن کين موٽرسائيڪل روڪڻ لاءِ اشارو ڪيو جيڪي نه بيهڻ تي هنن پويان فائرنگ ڪري ڏني جنهن ۾ ٻه نينگر قتل ۽ زخمي ٿي پيو.










