ڏکڻ آفريڪا جي ڀارت کي 76 رنز تان وڏي شڪست

ڏکڻ آفريڪا جي ڀارت کي 76 رنز تان وڏي شڪست

احمد آباد(ويب ڊيسڪ)ڀارت جي پوري ٽيم 18.5 اوورن ۾ 11 رنز ٺاهي آئوٽ ٿي وئي ۽ ڏکڻ آفريڪا کيس 76 رنز جي ليڊ تان شڪست ڏئي ڇڏي، ،مارڪو جينسن 4 ۽ ڪيشو مهراج 3، ڪاربان بوچ 2 ۽ مرڪرم هڪ وڪيٽ ورتي. ڀارتي بيٽنگ جي شروعات کان مشڪل جو شڪار رهي جڏهن ايشان ڪشن کي ايڊن مرڪرم ريان رڪلٽن هٿان زيرو تي ڪيچ ڪرايو. ٻئي اوور جي پهرين بال تي تلڪ ورما مارڪو جينسن جي بال تي ڪيپر هٿان هڪ رن ٺاهي ڪيچ ٿيو. هن رويو ورتو جيڪو ضايع ٿي ويو. جنهن بعد اڀيشڪ شرما ڪپتان سوريا ياديو سان اسڪور اڳتي وڌايو ۽ ٻه ٽي سٺا شاٽ کيڏيا پر پنجين اوور ۾ 26 جي مجموعي اسڪور تي هو15 رنز ٺاهي مارڪو جينسن جي بال تي ڪاربان بوچ هٿان ڪيچ ٿي ويو. ڀارت  5 رنز تي 2 وڪيٽون ڪري پيون. جنهن بعد واشنگٽن سندر 11 رنسون ٺاهي ڪاربان بوچ جي بال تي ڪيپر ڊي ڪاڪ هٿان ڪيچ ٿيو، ڪپتانسوريا ڪمار 22 بالن تي 18 رنز ٺاهي ڪاربان بوچ جي بال تي ڊيوالڊ بريوس هٿان ڪيچ ٿي ويو ۽ ڀارت 51 تي اڌ ٽيم آئوٽ ٿي وئي. 86 جي اسڪور تي هاردڪ پانڊي 18 رنز ٺاهي ڪيشو مهراج جي بال تي ٽرائسٽن اسٽبز هٿان ڪيچ ٿيو، رنڪو سنگهه بنا رن ٺاهڻ جي ۽ ارشديپ هڪ رن ٺاهي ساڳئي بالر ۽ ڪيچر هٿان آئوٽ ٿيا، 88 رنز تي ڀارت جا 8 رانديگر آئوٽ ٿي ويا. 16 هين اوور م ربادا کي شيوم ڊوبي لڳاتار 2 ڇڪا هنيا ٽئين بال تي سندس ڪيچ ڊراپ ٿيو. 16 هين اوور جي پڄاڻي تي ڀارت 100 جي حد پار ڪئي. 111 جي اسڪور تي شيوم ڊوبي 42 رنز ٺاهي مارڪو جينسن جي بال تي نگدي هٿان ڪيچ ٿيو، ساڳئي اوور ۾ ساڳئي بالر جي بال تي بومرا ايدن مرڪرم هٿان ڪيچ ٿيو.  ڏکڻ آفريڪا 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 187 رنز ٺاهي سگهي. نريندرا مودي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. ڏکڻ آفريڪا جون 3 وڪيٽون 4 اوورن ۾ ڪري پيون. ٻئي اوور بومرا ڪوئنٽن ڊي ڪاڪ کي 6 رنسن تي بولڊ ڪيو ۽ ايڊن مرڪرم کي ٽئين اوور ۾ ارشديپ هاردڪ پانڊيا هٿان ڪيچ ڪرايو. بومرا ون ڊائون آيل ريان رڪلٽن کي شيوم ڊوبي هٿان بومرا ڪيچ ڪرائي بريڪ ٿرو ڪيو. ڏکڻ آفريڪا جا 20 رنز تي 3 وڪيٽون ڪري پيون.  ان بعد ڊيوالڊ بريوس ۽ ڊيوڊ ملرزبردست اسٽروڪ کيڏي پارٽنرشپ ۾ ٽيم جو اسڪور 100 کان پار ڪرايو. بريوس13 هين اوور جي پهرين بال تي ڇڪو هڻي 45 رنز ٺاهي ڊوبي جي بال تي اڀيشڪ هٿان ڪيچ ٿي ويو. هن 3 ڇڪا ۽ 3 چوڪا هنيا ۽ 29 بال کيڏيا. جنهن بعد ڊوبي نو بال ڪيو ته ملر کيس ڇڪو هڻي ففٽي مڪمل ڪئي ۽ ٽيم جواسڪور 125 تائين پهچايو. 16هين اوور ۾ ڏکڻ آفريڪا جو اسڪور 150 کان ڪراس ٿيو ته ڊيوڊ ملر ورون چڪرورتي جي بال تي تلڪ ورما هٿان ڪيچ ٿي ويو. هن 3 ڇڪا ۽ 7 چوڪن جي مدد سان 35 بالن تي 63 رنز ٺاهيون. جنهن بعد ڏکڻ آفريڪا جي بيٽنگ سست ٿي وئي. مارڪو جينسن ارشديپ جي بال تي رنڪو سنگهه هٿان بائونڊري تي ڪيچ ٿيو ۽  ۽ ڪاربان بوچ کي جسپريت پنهنجي ئي بال تي ڪيچ ڪيو. ٽرائسٽن اسٽبز هاردڪ پانڊي جي آخري اوور ۾ 2 ڇڪا ۽ هڪ چوڪو هڻي 20 رنسون ورتيون. هن 24 بالن تي بالن تي 44 رنز ٺاهيون ۽ ناٽ آئوٽ رهيو. جسپريت بومرا 3، ارشديپ 2، ورون ۽ ڊوبي هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.

پهنجو تبصرو موڪليو