ڏيپلو ۽ جاتي ۾ ماڪڙ جو حملو، ترت تدارڪ جي اپيل

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ماڪڙ ڦهلجڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ خميس تي ڏيپلو ۽ جاتي جي علائقن ۾ ماڪڙ جا ڪٽڪ پهچي ويا آهن. اربع تي اسلام ڪوٽ ۾ بلاول ڀٽو جي جلسي ۾ ڪارڪنن کان اڳ ماڪڙ پهتي ته هڪدم اسپري ڪيو ويو پر عام ماڻهن جا فصل تباهه ٿي رهيا آهن ته سنڌ حڪومت ۽ ضلعي انتظاميا اپاءَ وٺڻ لاءِ تيار ناهي. ڏيپلو مان فرمان بجير موجب مختلف ڳوٺن موٽاٽيو ـ ونگڙ ـ ڏيوھار جي آس پاس ماڪڙ جا ڪٽڪ لٿل آهن اھڙي دانهن ڳوٺ موٽاٽيو  جي ڏيپسنگھه ـ وينجهراج ۽ ٻين پريس ڪلب تي ڄاڻ ڏيندي چيو  ته ڪافي عرصي کان ھن سال برساتون سٺيون ٿيون ٻنين ۾ فصل بھترن ٿيا، جھنگ ۾ پڻ مال لاء گاهه بھترين ٿيو ليڪـن چار پنج ڏينهن کان مسلسل مڪڙن جا ڪٽڪ لٿل آهن جن تباهي ڪري ڇڏي آهي. اسان وس وارن کي اپيل  ٿا ڪريون ته جلد کان جلد اسپري جو بندوبست ڪيو وڃي. *** جاتي مان محمد صديق ٻارڻ موجب جاتي تعلقي جي ديھه ڳجھڙو  ڇنڊڻ ڪوچار سميت ڪيترين ئي ديھن ۾ ماڪڙ فصل تي حملو ڪري کائي رھيو  آهي جنهن سبب آبادگارن  پاران سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. آبادگارن پاران ڊي سي سجاول ۽ زراعت واري صوبائي وزير اسماعيل راھو کان اسپري ڪرائڻ ۽ فصل بچائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ان موقعي تي  عبدالرحمان  ٻار ڻ ، قاسم ٻارڻ، اسحاق  سمون ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته ماڪڙ خلاف فوري قدم نه کڻڻ سبب آبادگار  معاشي طور مڪمل ڪنگال ٿي ويـندا.  

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو