سرحد(رپورٽ غلام عباس مهر)ڪيڊٽ ڪاليج ڀرسان جهانپور لنڪ روڊ تي نامعلوم هٿياربند ڌاڙيلن سرحد پريس ڪلب جي صدر حاڪم ابڙو جي ڀاڻج نوجوان صحافي صلاح الدين ابڙو کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي نوجوان صحافي صلاح الدين ابڙو پاران مزاحمت ڪرڻ تي ڌاڙيل کيس زخمي ڪري فرار ٿي ويا واقعي بعد صحافي صلاح الدين ابڙو جا وارث واقعي واري هنڌ ۽ ڌاڙيلن پٺيان روانا ٿي ويا، جڏهن ته واقعي جي خبر ٻڌندي ئي سرحد جي صحافين ۾ ڳڻتي جي لهر ڇائنجي وئي آھي صحافين پاران سرحد پريس ڪلب ۾ صحافين جو هنگامي اجلاس پڻ طلب ڪيو ويو آھي، هوڏانهن سرحد پوليس پڻ واقعي جو بروقت اطلاع ملڻ جي باوجود ڪو به قدم ناهي کڻي سگهي.










