لاهور: (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي صدر پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته مان 10 ڏينهن کان جيل جي ننڍي ڪمري ۾ قيد آهيان، طبيعت خراب هجڻ باوجود گهر وارن جي به مون سان ملاقات نه پئي ڪرائي وڃي.عدالت جي ڪمري ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي چوڌري پرويز لاهي چيو ته منهنجي طبيعت خراب آهي، 10 ڏينهن کان جيل جي ننڍي ڪمري ۾ قيد آهيان، جيل جي ڪمري ۾ هوا ڏيڻ لاءِ پکو ڪڏهن هلي ٿو ته ڪڏهن بند پيو هوندو آهي. گهر وارن سان به ملاقات نه پئي ڪرائي وڃي. صحافي طرفان سوال ڪيو ويو ته چوڌري صاحب ڇا اوهان تحريڪ ڇڏي رهيا آهيو؟ اهڙي سوال جو جواب ڏيندي چوڌري پرويز الاهي چيو ته مون کي ڪنهن سان به ملڻ نه پيو ڏنو وڃي،پريس ڪانفرنس ڪيئن ڪريان؟ عدالت ۾ پيشي دوران به صحافين سان ڳالهائڻ نه پيو ڏنو وڃي. اوهان منهنجي حالت ڏسي رهيا آهيو، اهڙي حالت ۾ مون کي پيش ڪيو ويو آهي.










