اوٻاوڙو (ن سنڌيار)اوٻاوڙو لڳ چوڪماڙي وجهو ڏهر واھ کي آرڊي 34 وٽان 50 فٽ گهارو پاڻي جي اسپيڊ ھجڻ سبب ڳوٺاڻا پريشان حال بڻجي ويا آھن هڪ مهينو اڳ به ساڳي جگه کان واھ کي گهارو پئجي ويو هو جنهن سبب آبادگارن جو 100 ايڪڙ کان مٿي ڪمند ۽ ڪپاھ جو فصل ٻڏي ويو هو جنهن سبب لکن روپين جو آبادگارن کي نقصان پهتو هو مگر ڪنهن به اعلي عملدار داد رسي نه ڪئي هن محل به ساڳي جگه آرڊي 34 وٽان ڏهر واھ کي گهارو پئجي ويو آھي پاڻي جي اسپيڊ ھجڻ سبب ڳوٺاڻن ڳوٺ مير خان رند۔ڳوٺ بلاول خان رند۔ڳوٺ قادربخش رند ۽ ٻين ڳوٺاڻن خدشو ظاهر ڪندي چيو آھي ته اگر پاڻي تي ضابطو نه آندو ويو ته جاني ۽ مالي نقصان ٿي سگهي ٿو ڳوٺاڻن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته پاڻي جي بندش بعد ايريگيشن آفيسر افغاني پٺاڻن کي مٽي وڪرو ڪرڻ لاء واھ جا ڪپر ٽوڙائي ٻاهر مٽي وڪرو ڪن ٿا۔جن خلاف ڪنهن به اعلي آفيسر ڪاروائي ناهي ڪئي جنهن سبب ھي آبادگارن جو نقصان ٿي رهيو آھي.










