ڍل جي پيسن تان مختيارڪار ۽ تپيدار ۾ جهيڙو

ڍل جي پيسن تان مختيارڪار ۽ تپيدار ۾ جهيڙو

صالح پٽ (رپورٽ نياز مهر)مختيارڪار سيد زاهد شاھ ۽سندس تپيدار لطيف گھنڃو جي وچ ۾ زميندارن کان وصول ٿيل خريف جي ڍل تان جهيڙو ٿي پيو تپيدار لطيف گھنڃو جو چوڻ آهي ته مان پنج لک روپين جي لڳ ڀڳ ڍل وصول ڪري مختيار ڪار  جي حوالي ڪري ڇڏي آهي مختيارڪار پنج لک رپين ھڙپ ڪري ويو ۽مونکي داٻا ڏئي آفيس مان بي دخل ڪري ڇڏيو آهي مان درپدري جي زندگي گذاري رهيو آهيان منهجا معصوم ٻارڙا ۽گهر ڀاتي پريشان آهن هو مون تي ڪوڙا الزام ھڻي ڪيس داخل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي جڏهن ته ڍل جي وصول ٿيل رقم جون مختيارڪار زاهد حسين شاهه جون صحيحون به ٿيل آهن پر انڪار ڪري ٿو ته مونکي رقم مليل ناهي مان ڪمشنر سکر ۽لاڳاپيل اختيارين کي اپيل ٿو ڪريان ته تعلقي صالح پٽ جي زميندارن کان وصول ٿيل رقم جي انڪوائري ڪرايو ، رقم واپس ڪرائي وڃي ۽مونکي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو