ڍاڪا فال ۽ اي پي ايس جي 140 شهيدن جي 6 هين ورسي

ڍاڪا فال ۽ اي پي ايس جي 140 شهيدن جي 6 هين ورسي

پشاور (ويب ڊيسڪ) آرمي پبلڪ اسڪول سانحي کي 6 سال گذري ويا آهن، پر شهيد ٻارن جي وارثن جو ڏک اڄ به تازو آهي، 16 ڊسمبر 2014 تي آرمي پبلڪ اسڪول پشاور ۾ تعليم دشمنن معصوم ٻارن کي دهشتگردي جو نشانو بڻايو هو. اي پي ايس سانحي ۾ ٻارن سميت 140 کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ٿيا هئا، جن جا وارث اڄ به ڏکويل آهن. دهشتگردي جي ان واقعي کي 6 سال مڪمل ٿيڻ تي مختلف شهرن ۾تقريبون ڪوٺائي شهيد ٻارن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي. مختلف شهرن ۾سياسي سماجي ڌرين طرفان ميڙاڪا ڪوٺائي سانحي جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي پئي وڃي. ياد رهي ته ان واقعي جي ذميواري پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان قبول ڪئي هئي. جنهن جو ترجمان احسان الله احسان گرفتار به ٿيو هو ۽ ملڪ جي وڏي انٽيليجنس ايجنسي جي حراست مان پر اسرار نموني فرار ٿي ويو هو. 16 ڊسمبر تي بنگلاديش به ٺهيو هو جڏهن پاڪستان جي 90 هزار فوج ڀارتي فوج آڏو هٿيار ڦٽا ڪيا هئا ۽ جنگي قيدي بڻجي ويا هئا. جنهن بعد ان ذلت آميز واقعي کي ميسارڻ بعد قوم هاڻي آرمي پبلڪ اسڪول حملي جي ياد به ساڳئي ڏينهن ملهائيندي آهي. پشاور هاءِ ڪورٽ جي جج جي سربراهي ۾ جوڙيل عدالتي جاچ ڪميشن چيو هو ته جڏهن پنهنجو خون ئي غداري ڪري ته اهڙا واقعا روڪي نٿا سگهجن. ڇو ته حملي آورن کي مقامي ماڻهن پناهه ڏني هئي. ڪميشن ۾ بيان رڪارڊ ڪرائيندڙ ڪيترن ئي شهيد ٿيل ٻارڙن جي والدين هن واقعي بابت فوج جي ڪردار تي آڱريون کڻندي کين ذميوار قرار ڏيڻ جو الزام لڳايو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو