ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ڌيءُ سان زيادتي واري ڪيس ۾ سزا خلاف سڳوري پيءُ جي سزا ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏي.سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڌيءَ سان زيادتي واري ڪيس ۾ سزا خلاف سڳوري پيءُ جي اپيل تي ٻڌڻي ٿي.ماتحت عدالت جوابدار کي 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي، پر سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي جوابدار ساجد خان جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪندي جوابدار جي سزا کي غير ثبوتن سبب ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.سنڌ هاءِ ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته جوابدار کي جيل مان آزاد ڪيو وڃي جيڪڏهن هو ڪنهن ٻئي ڪيس ۾ گهربل ناهي.پراسيڪيوشن جو چوڻ هو ته ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج شرقي جوابدار کي 2021ع ۾ سزا ٻڌائي هئي جڏهن ته وڪيل صفائي جو چوڻ هو ته ڪيس جو شاهد اکين ڏٺن شاهد نه هو، ڪيس هڪ ڏينهن جي دير سان داخل ڪيو ويو.پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار خلاف ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.










