ڪنڌ ڪوٽ(رپورٽ غالب بلوچ)بخشاپور جي ڳوٺ بلاول ڊومڪي جي رھواسي مسمات بشيران ڊومڪي معصوم ٻارن سان ڪنڌ ڪوٽ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو احتجاج ڪندڙ مسمات بيشران ڊومڪي ميڊيا اڳيان دانھيدي چيو ته ٽي ڏينھن اڳ منھنجي نياڻي مسمات بختاور ڊومڪي کي مڙس غلام سرور ڊومڪي ۽ ساٿي علي داد گولو. سعيد اللله گولو جي چرچ تي ڪارنھن جي ڪوڙي الزام ھيٺ قتل ڪيو. ھن وڌيڪ چيو ته منھنجي نياڻي بي گناھ قتل ڪيو ويو آھي ۽ ويتر بخشاپور پوليس جوابدارن کان ڏوڪڙ وٺي پنھنجي مرضي جو ڪيس داخل ڪري اسان سان ناانصافي ڪئي وئي آھي ۔ ھن چيو ته جوابدار ڪوٽ سبزل جو رھواسي آھي منھنجي نياڻي کي اتان کڻي بخشاپور جي ڪاٽي پل وٽ اچي قتل ڪري فرار ٿي ويو آھي. ھن چيو ته منھنجي فرياد تي ايف آء آر داخل ڪري اصل جوابدارن کي قانون جي گرفت ۾ آڻي گرفتار ڪري سندس انصاف ڪيو وڃي . ھن اھو به پوليس تي الزام ھڻندي چيو ته مقتولا نياڻي کي ڏيڍ تولو سون ۽ ويھ تولا چاندي به پيل ھو جيڪو پوليس ڏيڻ کان جواب ڏئي چڏيو آھي. ھن وزير علي` سنڌ سيد مراد علي شاھ .آئي. جي سنڌ مشتاق مھر . ڊي آء جي لاڙڪاڻه ۽ ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌ ڪوٽ امجد علي شيخ کي اپيل ڪئي ته جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراھم ڪيو وڃي










