ڌنار 3 مينهن سميت ٽرين هيٺان اچي فوت ٿي ويو

اوٻاوڙو (غلام علي رند)ريتي اسٽيشن ويجھو ڪراچي کان لاھور ويندڙ مسافر ٽرين سان گهڃن واري گولائي وٽ حادثو، مال چاريندڙ پيرسن محب ڪوش پنھنجي ٽن مينھن سميت ٽرين جي اڳيان اچي فوت ٿي ويو حادثي کان پوءِ ڪجهه ديرٽرين کي روڪڻ بعد روانو ڪيو ويو، فوتي پيرسن جي پٽ ۽ ڀاءُ جو چوڻ هو ته پيرسن ڪنن کان ٻوڙو ھيو کيس ٻڌڻ جي سگھه گھٽ ھيس حادثو اتفاقي ٿيو آهي ،حادثي واري هنڌ موجود ريلوي پوليس جو عملدار ۽ ريتي ٿاڻي جي پوليس موجود ھئي جن جو چوڻ  هو ته ريلوي پوليس جي آفيسر اچڻ کان پوءِ ايف آئي آر داخل ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو