ملير ( رپورٽ شهزادو مستوئي)پاڪستان اسٽيل ملز جي 27 ڏينھن کان جاري ڌرڻي ۾ موجود ملازم شير محمد دل جو اوچتو دورو پوڻ سبب ڳڻي جوڳي حالت ۾ مقامي اسپتال داخل ڪيو ويو جتي ھو فوت ٿي ويو آھي، صوبائي وزير ناصر شاھھ ڌرڻي ۾ پھچي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ملازمن جي ميڙکي خطاب ڪندي چيو ته پنجاب ۾ انڪروچيمنٽ ٿئي ٿي ته جائز آھي باقي سنڌ ۾ ٿئي ته ناجائز ٿيو وڃي، سنڌ ۾ غير قانوني قبضن خلاف اسان آپريشن ڪيو پيو وڃي، ھن چيو ته وزير اعظم کي به غير قانوني قبضن خلاف ڪارواين جي آجيان ڪرڻ کپي، ھن چيو ته سمورا قانوني پاسا نظر رکندي وڏي وزير مراد علي شاھ اسٽيل مل ملازمن سان ڪابه ناانصافي برداشت نه ڪندو، وڏي وزير وفاقي سرڪار کي خط لکيو آھي ته اداري جي ملازمن سان ڪابه ناجائزي نه ڪئي وڃي ادارو اسان جي حوالي ڪيو وڃي اسان پاڻ ھلائنداسين، چيئرمن بلاول زرداري جي ھدايتن تي سنڌ حڪومت اسٽيل ملز ٽي رڪٽي ڪميٽي جوڙي وئي آھي، اسان سنڌ اسمبلي مان اسٽيل ملز کي خانگائڻ ۽ پورھيتن جي جبري برطرفي خلاف قرارداد منظور ڪرائي آھي ھن چيو تھ آئون درخواست ٿو ڪيان تھ ملازم پي ٽي آءِ جي يو ٽرن حڪومت مان اميد نھ رکن ڌرڻو ختم ڪن ان سان حڪمرانن تي ڪوبھ اثر نھ ٿيندو ٻئي پاسي نيڪالي ۽ گھر خالي ڪرڻ جي پريشاني ۾ مبتلا ملازم صدمو برداشت ڪري نه سگهيو اسٽيل مل ملازمن ٻڌايو ته شير محمد اسٽيل ٽائون جي گهر بي 605 رهندو هئيو انتظاميا پاران گهر خالي ڪرڻ لاءِ نوٽس جاري ڪيو جنهن سبب صدمو برداشت نه ڪري سگهيو ۽ دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو.










