سنڌ ۾ ڌرڻا جاري، تيل ۽ سامان جي سپلاءِ بند، ملڪ سان رابطو ڪٽيل

سنڌ ۾ ڌرڻا جاري، تيل ۽ سامان جي سپلاءِ بند، ملڪ سان رابطو ڪٽيل

سکر /خيرپور (نمائندن وٽان)وڪيلن جو بدستور مک ڌرڻو ٻٻرلو ۾ جاري آهي ڌرڻي کي خطاب ڪندي ڌرڻي جي اڳواڻ ڪراچي بار جي صدر عامر نواز وڙائچ خطاب ڪندي چيو ته سنڌ سڀن کي چوان ٿو گهرن مان نڪرن هن ڪاز لاءِ ٻاهر  نڪرو،اسان پوئتي نه هٽنداسين،سڀن جو مشڪور آهيان،سڀ استقامت سان بيٺل آهيون نوٽيفيڪيشن ملڻ تائين احتجاج جاري رهندو،ٻنهي کي ٽائيم ساڳيو ڏنو ،ٻنهي ڌرين جا اڳواڻ آيا وفاق ۽ سنڌ جا نمائندا آهن، اسان وٽ فرق ناهي سڀن سان ملنداسين،ڪارپوريٽ فارمنگ تي ڳالهيون ٿيون آهن،جنهن طريقي سان اوهان شرڪت ڪيو ٿا مان سڀن جو مشڪور آهيان،مون کي گرمي نه ٿي لڳي ،مون کي خبر آهي منهنجو مقصد ڇا آهي،هي دريا ختم ٿي ويندو ته اسان جي سڄاڻپ ختم ٿي ويندي،مان ائين نه چاهيندس پنهنجي دريا لاءِ وِڙهندو رهندس،ڪينال هرگز قبول ناهن انهن لاءِ هنن کي اسان جي جان کپي ڏيڻ لاءِ تيار آهيون سودو نه ڪندس،صدر ڪراچي بار پاران مليل سونو تاج ان شخص پارايو جنهن پنهنجي گهر واري جا زيور وڪڻي ڌرڻي وارن کي ڏينهن رات خدمت ڪئي

صدر ڪراچي بار ڌرڻي جو سرواڻ خطاب ڪري رهيو آهي 

جمعو ، وڪيلن جي ڌرڻي جو اٺو ڏينهن

سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ ڌرڻا احتجاج جاري آهن، ٻٻرلوءِ وٽ ستن ڏينهن کان جاري ڌرڻي سبب پنجاب ڏانهن ايندڙ ويندڙ سمورا روڊ ۽ رستا مڪمل طور بند، روڊ رستن تي گاڏين جون قطارون لڳل، ڌرڻي ۾ شريڪ ڌرتي ڌڻين پاران ڪئنال منصوبو رد ٿيڻ تائين ڌرڻو جاري رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو،ڪراچي بار  جي سرواڻ عامر نواز وڙائچ چيو آهي ته حڪومت کي چئو ته مذاق نه سمجهي، جيسيتائين ڪينال ختم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيندو، ڌرڻو ختم نه ڪنداسين، سي سي آئي جا اجلاس ٿيندا رهندا آهن، اسان کي ڪينال ختم ڪرائڻا آهن،انهن پنهنجي حصي تي ڳالهه صحيح ڪندي هوندي بس اسان کي نوٽيفيڪيشن ڏيو،2  مئي جيستائين نوٽيفيڪيشن نه ڏيندو اوستائين نه وينداسين ،ڌرڻي شرڪت لاءِ جونيئر ذوالفقار ڀٽو رات جو 2 وڳي پهچي عامر نواز وڙائچ سان ملاقات ڪئي،کيس اجرڪ جو تحفو ڏنو ،هر هنڌ ساٿ ڏيڻ جو عزم جو ورجاءُ ڪيو،ميڊيا سان ڳالهائيندي جونيئر ذوالفقار ڀٽو چيو ته اسان ڪمپرومائيز نه ڪنداسين،هنن کي ڪريڊٽ کڻڻ نه ڏينداسين،اسان لڳي ٿو حڪومت پاڻ پريشان ٿي ويا آهن عوام کي ڏسي حڪومت کي گھٻراهٽ ٿي وئي آهي ته عوام کي ڇا جواب ڏيندو،عوام هنن خلاف آهي عوام پئي چئي ته اوهان دريا جو سودو ڪيو آهي،انشاءِ الله هي منصوبو بند ٿي ويندو جيڪڏهن بند نه ٿيو ته وڏو نقصان ٿيندو،تڪراري ڪينالن خلاف سنڌ بار ڪائونسل جي صوبي گير هڙتال چوٿين ڏينهن به جاري آهي،ڪراچي بار ايسوسيئيشن پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته احتجاج ان وقت تائين جاري رهندو جيستائين ڪينالن جي تعمير جو نوٽيفڪيشن واپس نه ورتو ويندو، سٽي ڪورٽ ۾ لاڪ ڊائون چوٿين ڏينهن به جاري رهيو ۽ قيدين کي پيشي لاءِ نه آندو ويو، شهري پريشان آهن ڇو ته شهر جي عدالت ۾ سوين ڪيس بغير ڪارروائي جي ملتوي ڪيا ويا آهن،ٻئي طرف، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ عدالتي معاملا معمول مطابق جاري آهن. سنڌ هاءِ  ڪورٽ بار سرفراز ميتلو خطاب ڪندي چيو ته مان سنڌي آهيان مان وارث آهيان،هن ڌرتي جو وارث آهيان،سرمايه دارن کي پيا ڏيو جئين مان اوهان نوڪر ٿي رهان جيڪو مون کي منظور ناهي،پنهنجي گهر ۾ اقليت ۾ تبديل ٿيڻ يا نوڪر ٿي رهڻ نٿا چاهيون،هي معاملو قومي آهي، اسان سڀن موقف گڏيل آهي ته ڪينال سمورا نامنظور آهن، ايس يو پي سربراهه سي سي آءِ جوائنٽ پارليمنٽ يا صدر وزيراعظم سڀ پنهنجي ساک وڃائي ويٺا ڪينال ته هٿ نه کڻندا ته هي پنهنجي گهرن ۾ نه وڃي سگهندا يا ته لڪي ويندا يا گاڏيون مٽائي ويندا.

سنڌ هاءِ  ڪورٽ بار سرفراز ميتلو خطاب ڪندي

جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو ڌرڻي جي سرواڻ عامر نواز سان ملاقات ڪري رهيو آهي

خميس ، وڪيلن جي ڌرڻي جو ستون  ڏينهن

ٻٻرلوءِ ۾ لڳل ڌرڻو ستين ڏينهن به جاري آهي ٻٻرلوءِ ۾ لڳل ڌرڻو ستين ڏينهن به جاري آهي، ڌرڻن جو سلسلو اربع کان مختلف شهرن تائين وسيع ڪيو ويو آهي. اوٻاوڙو ۾ ڪمون شهيد تي به احتجاجي ڪيمپ قائم ڪري سنڌ پنجاب بارڊربند ڪئي وئي آهي، ڪشمور ۾ گولا موڙ وٽ 4 ڏينهن کان ڌرڻو جاري آهي، شڪارپور وٽ به ڌرڻو آهي ۽ پنجاب ۽ ڪي پي ڪي سميت بلوچستان ڏانهن به هيوي ٽريفڪ بند آهي. ننڍين گاڏين جي اچ وڃ جاري آهي. پنجاب جي تاجرن پريس ڪانفرنس ۾ چيو آهي ته ندن سپلاءِ چين سخت متاثر ٿي وئي آهي، هنن وٽ فيڪٽريون هلائڻ لاءِ خام مال ناهي، ملازمن کي پگهارون ڏيڻ لاءِ پئسا نه آهن. هنن جو چوڻ آهي ته ايڪسپورٽ ۽ امپورٽ جا آرڊر متاثر ٿي رهيا آهن، وقت تي ڊليوري نه ڏيڻ سبب پاڪستان کي اربين ڊالرن جو نقصان ٿي رهيو آهي، وفاقي ۽ سنڌ حڪومت رستا کولرائي واپار تباهه ٿي ويو آهي. ياد رهي ته گڊز ٽرانسپورٽ وارين وڏين گاڏين تي بندش 7 ڏينهن کان جاري آهي. بلاول ڀٽو زرداري پارٽي وفد سان گڏ وزيراعظم سان ملاقات ڪئي آهي جنهن بعد ٻنهي گڏيل ويڊيو پيغام جاري ڪيو آهي جنهن ۾ ڪينال رٿا رد ڪرڻ جو ذڪر ناهي پر ايترو چيو ويو آهي ته ڪينال رٿا تي صوبن ۾ اتفاق راءِ ٿيڻ تائين ڪا ڳڀرائي نه ٿيندي. سنڌ ۾ احتجاج ۽ هيوي ٽريفڪ جي بندش سبب ڪجهه ٽرڪن ۾ ڪوئلو جيڪو پنجاب نيو پئي ويو، انهن ۾ گرمائش سبب دونهون اٿي رهيو هو، انهن ٽرڪن کي آف لوڊ ڪيو ويو آهي. مختلف بارڪائونسلز پاران عدالتي بائيڪاٽ جو سلسلو جاري آهي، وڪيل اڳواڻن پاران هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي ڪم کان روڪڻ جي درخواست ڪئي جيڪا چيف جسٽس رد ڪري ڇڏي، احتجاج ۾ روزانو جي بنياد تي شدت اچڻ لڳي، وڪيلن جي حڪومت کي ڏنل 72 ڪلاڪن جي ڏنل پهرين مهلت ختم ٿي وئي هئي جنهن بعد سومر تي 72 ڪلاڪن جو نئون الٽيميٽم ڏنو هو. هوڏانهن اربع تي هڪ پاسي مسلم ليگ (ن) سنڌ جي صدر بشير ميمڻ پارٽي قيادت جي هدايت تي ٻٻرلوءِ پهچي وڪيلن سان ڳالهيون ڪيون.. نواز ليگ سنڌ جي صدر بشير ميمڻ ۽ وڪيل اڳواڻ عامر نواز وڙائچ  ۾ ڳالهيون مڪمل ٿي ويون، ڳالهين دوران وفاقي حڪومت جي وفد آڏو وڪيلن طرفان چار نقطا پيش ڪيا ويا. پيش ڪيل نقطن ۾ پهريون ۽ مک نقطو ڪئنالن واري منصوبي کي رد ڪرڻ جو رکيو ويو، باقي ٻين نقطن ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ، پيڪا آرڊيننس ۽ 26 ترميم شامل آهي. مطالبن جي حوالي سان نوازليگ جي وفد پاران وڪيلن کي شهباز شريف سان ملاقات جي آڇ ڪئي جنهن تي وڪيلن آڇ قبول ڪندي 14 رڪني وفد جي صورت ۾ شهباز شريف سان ملاقات جي حامي ڀري ورتي، انهي موقعي تي عامر نواز وڙائچ چيو ته اسان جو 14 رڪني وفد وزيراعظم سان ملاقات ڪندو، جيڪڏهن شهباز شريف سکر ۾ اچي ڳالهيون ڪري ته بهتر آهي اسان جو مک مطالبو 6 ڪئنالن جي خاتمي وارو نوٽيفڪيشن آهي، اسان جا ڌرڻا انهي نوٽيفڪيشن سان مشروط آهن  ملاقات ۾ وزيراعظم اسان کي نوٽيفڪيشن ڏئي، ٻين نقطن تي ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون  ڪئنالن خلاف نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيڻ تائين اسان جا ڌرڻا جاري رهندا،انهي موقعي تي نوازليگ سنڌ جي صدر بشير ميمڻ چيو ته اسان وزيراعظم جي هدايتن تي ڳالهيون ڪرڻ لاءِ آيا آهيون،  اسان کي وڪيلن چئن مطالبن واري لسٽ ڏني آهي، جيڪا وزيراعظم آڏو پيش ڪئي ويندي،  ايندڙ ملاقات وڪيلن ۽ وزيراعظم وچ ۾ ٿيندي ۽ معاملا طئي ڪيا ويندا، اميد آهي ته ڳالهيون ڪامياب ٿينديون،ٻئي پاسي پي پي سنڌ جي صدر نثار کهڙو ۽ سيد خورسيد شاهه به ٻٻرلوءِ پهچي وڪيلن سان اظهار يڪجهتي ڪندي کين 25 اپريل تي سکر ۾ رٿيل ڪينال مخالف جلسي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. جنهن تي عامر نواز دعوت قبول ڪندي چيو ته ايڪشن ڪميٽي جي مشاورت بعد حتمي فيصلو ڪنداسين. وڪيلن وفاقي ۽ سنڌ حڪومت ۽ سياسي جماعتن سان ڳالهين لاءِ 14 رڪني ڪميٽي قائم ڪئي آهي جيڪا معاملا طئي ڪري سنڌ لائرز ايڪشن ڪميٽي آڏو سفارشون پيش ڪندي ۽ حتمي فيصلو سنڌ لائرز ايڪشن ڪميٽي ڪندي جنهن جو چيئرمين عامر نواز وڙائچ هوندو.

وڪيلن پاران ڳالهين لاءِ ٺاهيل ڪميٽي جو نوٽيفيڪيشن 

ڏينهنو ڏينهن ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙن جو انگ وڌي رهيو آهي. سڀني سياسي جماعتن جا ڪارڪن سياسي وابستگين کان بالاتر ٿي وڪيلن جي ڌرڻي ۾ شريڪ آهن.

ٻبرلوءِ ۾ ڌرڻي جو چهون ڏينهن، عوام جي وڏي انگ جي اچ وڃ جاري

بشير ميمڻ عامر نواز سان ڳالهيون ڪري رهيو آهي، وڪيل اڳواڻ شبير شر ويڊيو پيغام ۾ چيو آهي ته بشير ميمڻ ڀلو ماڻهو آهي پر ڪينال معاملو هن جي وس کان مٿي آهي، اسانجو مسئلو وفاقي ۽ پنجاب حڪومت سان آهي، انهن جو ڪو نمائندو نه آيو آهي، بشير ميمڻ جي ڪا به ڳالهه نه مڃينداسين، کيس چانهن پياري روانو ڪبو.  

وڪيل پنجاب جو دنگ ڪمون شهيد بند ڪري ويٺل آهن،تصوير غلام علي رند سنڌيار نيوز

 اڱارو ، وڪيلن جي ڌرڻي جو پنجون ڏينهن

ٻٻرلوءِ ۾ لڳل ڌرڻو پنجين ڏينهن جاري رهيو،ڌرڻي ۾ شريڪ ٿيندڙن جو تعداد هر گذرندڙ ڏينهن وڌي رهيو آهي اڄ ڪراچي کان صحافين توڙي سول سوسائٽي جو وفد وڏي انگ ٻٻرلوءِ ڌرڻي ڏانهن روانو ٿي ويو آهي،سنڌ بار ڪونسل جي سڏ تي ڪراچي بار جي سٽي ڪورٽ ۾ هڙتال جو سلسلو جاري آهي. سنڌ بار ڪونسل ڪئنالن جي تعمير واري معاملي تي اڻڄاتل مدي لاءِ عدالتي ڪارروائي جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو آهي جنهن سبب ڪورٽ ۾ هڙتال جي دوران وڪيلن ڪورٽ جا داخلي دروازا بند ڪري ڇڏيا. ٻئي طرف عدالت جي ٻاهران فريادين جو رش لڳي ويو، جنهن سبب عدالتي ڪارروائي معطل ڪئي وئي، سنڌ بار ڪونسل موجب وڪيل برادري جا مطالبا پورا نه ٿيڻ تائين عدالتي ڪارروائي   جو بائيڪاٽ جاري رهندو. خيرپور ۾ وڪيلن جي تڪراري ڪئنالن خلاف هلندڙ احتجاجي تحريڪ کي عدليه جي به اخلاقي حمايت ملي وئي. سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج سيد احسان حيدر شاهه پنهنجي عدالت جي ڪرسي تي هڪ اهم پيغام لکندي وڪيلن جي جدوجهد جي حمايت جو اعلان ڪيو. جج سيد احسان حيدر شاهه پنهنجي نوٽ ۾ واضح ڪيو ته هو قانون جي بالادستي ۽ انصاف لاءِ وڪيلن جي هن تحريڪ سان مڪمل سهڪار ڪن ٿا. هن جو چوڻ هو ته ڪئنالن خلاف هلندڙ جدوجهد ۾ هاڻي معاشري جا سمورا شعبي متحرڪ ٿي رهيا آهن. جج صاحب جي حمايت کي قانوني حلقن ۽ شهرين پاران ساراهيو ويو.

خيرپور جي جج ڪرسيءَ تي وڪيلن جي حمايت ۾ پيغام

سومر ، وڪيلن جي ڌرڻي جو ڇوٿون ڏينهن

ٻٻرلوءِ ۾ لڳل ڌرڻو ڇوٿين ڏينهن به جاري آهي. وڪيلن جي ايڪشن ڪميٽي فيصلو ڪيو آهي ته ڪينال رد ڪرڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ ختم ڪرڻ جو جيسين نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيندو تيسين ڌرڻو جاري رهندو. ايڪشن ڪميٽي جي ڊگھي ميٽنگ کانپوءِ ڪراچي بار جي صدرعامر نواز وڙائچ ۽ صدر ھاءِ ڪورٽ بار سرفراز ميتلو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڌرڻن جو دائرو سڄي سنڌ ۾ وسيع ڪرڻ جو فيصلو ٿيو آهي. سڀاڻي کان ڪشمور، ڄامشورو، ڪمون شھيد ڪراچي ۽ ڊيرا موڙ، گولا موڙ وٽ ڌرڻا ھنيا ويندو، هنن چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ ھڪ غير فطري عمل آهي جنهن سان ريگستان کي آباد ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ريگستان ۾ زرعي آبادي جون رٿائون انڊيا ۽ يو اي اي ۾ به ناڪام ٿي چڪا آهن، انهن وٽ ته وسيلا به وڌيڪ هئا. هنن چيو ته اسين 72 ڪالڪن جو نئون الٽيميٽم ڏيون ٿا جيڪڏهن ڪينال ۽ ڪارپوريٽ ختم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيو ته ريلوي ٽريڪ بند ڪبي ۽ سڄي سنڌ ۾ عدالتي ڪارواين جو بائيڪاٽ ڪيو ويندو، هنن چيو ته اسين پروفيشنل وڪيل آهيون، سياست ۾ اچڻ جو شوق ناھي، ڪينالن مامرن تي سنڌ سراپا احتجاج آھي،اسان ينگ ڊاڪٽرز کان به احتجاج جو سڏ  .ڏيارينداسين ايڪشن ڪميٽي جي ميمبر۽ ڪراچي بار جي خزانچي حسيب پنهور ٽيليفون تي سنڌيار سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته اڄوڪي اجلاس ۾ اهو به فيصلو ٿيو آهيي، ايمبولينس،فيمليز ۽ ننڍين گاڏين کي نه روڪيو ويندو صرف گڊز ٽرانسپورٽ وارين وڏين گاڏين کي روڪينداسين. هن چيو ته اسان پيپلز پارٽي کان به مطالبو ڪيو آهي ته  ايندڙ 72 ڪلاڪن ۾ جيڪڏهن هي سنڌ دشمن رٿائون رد نٿيون ٿين ته هو وفاقي حڪومت کان ڌار ٿي وڃن. هڪ سوال تي هن چيو ته هي سڄي سنڌ جي جياپي جو سوال آهي، سڄي سنڌ مان هر شعبي جي ماڻهن ڪالهه کان وٺي هزارن ۽ لکن جي تعداد ۾ ڌرڻ ۾ شرڪت ڪري اسانجو حوصلو وڌايو آهي. تقريبا سڀني سياسي پارٽين جا نمائندا اچي رهيا آهن ۽ انهن جا ڪارڪن به اسان سان گڏ آهن. هن ٻڌايو ته اڄ به مختلف شهرن جي 20 کان وڌيڪ بارڪائونسلز جي نمائندن، زين شاهه، لال مالهي، رياض چانڊيو، راحيلا مگسي، معظم عباسي سميت مختلف سخصيتن ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي. جنهن ۾ اڄ مختلف اسڪولي ٻارڙن ۽ سياسي سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي، سنڌ بارڪائونسل جي سڏ تي سومر تي سڄي سنڌ ۾ ڪينالز خلاف لڳل ڌرڻي جي حمايت ۾ عدالتي بائيڪاٽ ڪيو ويو. ڪراچي بار جي صدرعامر نواز وڙائچ چيو ته وڪيلن جي ايڪشن ڪميٽي جو اجلاس آهي جنهن ۾ اڳواڻن پاران حڪومت کي ڏنل 72 ڪلاڪن جو الٽيميٽم اڄ ختم ٿي ويو آهي  ٻئي پاسي سنڌ جي ماڻهن لنڪ روڊن تان پنجاب ڏانهن ويندڙ ٽريفڪ کي به روڪي ڇڏيو آهي. ڪراچي م ڪاٺوڙ پل وٽ سول سوسائٽي، وڪيلن ۽ سماجي اڳواڻن ڌرڻو  آهي جنهن سبب ايم نائن به بند ٿي ويو آهي.

Press Talk by KBA President & President SHC Bar 

Photo Facebook

ڌرڻي جي چوٿين ڏينهن تي گمبٽ جا ڊاڪٽر ۽ پيرا ميڊڪس به سفيد ڪوٽ پاڻي ڪاري ڪوٽ وارن وڪيلن جي ڌڌرڻ ۾ شريڪ ٿيا ۽ ڪينالز خلاف اڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا ته ڪينال سمورا نامنظور، پنجاب توسان جهيڙو آهي، پاڻي خاطر جهيڙو آهي.

Screengrab

وڪيلن جو ڌرڻو چوٿين ڏينهن به جاري آهي، سنڌ جو پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان سان زميني رابطو ڪٽيل آهي. سپلاءِ لائين بند آهي، کاڌي پيٽي جي شين، مال مويشين، ڪوئلي سميت مختلف ڪيميڪلز ۽ مشينري واريون ٽرڪون ۽ ٽريلرن سميت هزارين گاڏيون ڦاٿل آهن ۽ ڊگهيون قطارون آهن.

Photo Facebook

Road Block at Sukkur 

ڪراچي ۾ وڪيلن عدالت ڪاروائين جو بائيڪاٽ  ڪري مک روڊ جيڪو سپريم ڪورٽ،هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي سٽي ڪورٽ ويندڙ  روڊ ايم اي جناح روڊ بند ڪري ڪينالن خلاف سخت نعريبازي ڪئي، وڪيل اڳواڻن چيو ته اسان جي پرامن جدوجهد آهي اسان پنهنجا حق وٺنداسين پنجاب کي سنڌو مٿان ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسين پنهنجي درياهه جي انچ انچ جي حفاظت ڪنداسين

Protest at MA Jinnah Road Karachi

آچر، وڪيلن جي ڌرڻي جو ٽيون ڏينهن

سنڌ بار ڪائونسل سومر تي سڄي سنڌ ۾ ڪينالز خلاف لڳل ڌرڻي جي حمايت ۾ عدالتي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو آهي. ڌرڻي ۾ موجود ڪراچي بار جي خزانچي امر حسيب پنهور سنڌيار سان ڳالهائيندي ٻڌايو سومر تي منجهند ڌاري اسانجو 72 ڪلاڪن وارو الٽيميٽم ختم ٿيندو، جنهن بعد سنڌ لائرز ايڪشن ڪميٽي جو اجلاس آهي، جنهن ۾ ڪينال رٿا جي رد ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ تائين احتجاج جا وڌيڪ سخت طريقا اختيار ڪرڻ جي هڪمت عملي ٺاهبي، جنهن ۾ ريلوي ٽريڪ بند ڪرڻ سميت ڌرڻن جو دائرو وسيع ڪرڻ بابت مختلف تجويزن تي غور بعد فيصلو ڪنداسين جنهن جو اعلان شام پنجين وڳي پريس ڪانفرنس ۾ ڪيو ويندو. آچر تي ڪينالز خلاف ٻٻرلوءِ وٽ نيشنل هاءِ وي تي لڳل وڪيلن جي ڌرڻي کي ٽيون ڏينهن آهي. آچر تي سج لٿي بعد وڏي انگ ۾ مختلف سياسي ۽ سماجي تنظيمن سان تعلق رکندڙ عورتون به شهناز شيخ ۽ شائستا بلوچ جي اڳواڻي ۾ ڌرڻي ۾ شرڪت لاءِ پهچي ويون ۽ ڪينال سمورا نامنظور ۽ پنجاب تو سان جهيڙو آهي جا نعرا هڻنديون رهيون. آچر تي شام جو حيدرآباد مان اديبن جو قافلو به بس ڀري پهتو، جن ۾ امر سنڌو، عرفانه ملاح ، جامي چانڊيو، روماسا چانڊيو ۽ ٻيا شامل هئا، جن وڪيلن کي تاريخي جدوجهد تي مبارڪون ڏيندي سندن جدوجهد جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪيو. هنن چيو ته مقصد ماڻڻ تائين جدوجهد جاري رکڻ گهرجي.

احتجاج ۾عورتون وڏي انگ ۾ شريڪ آھن 

سنڌ جي قلم ڌڻين جي ڌرڻي ۾ شرڪت، احتجاج جي مڪمل حمايت ۽ وڪيلن کي مبارڪون ڏنيون.

آچر تي منجهند ڌاري جيئي سنڌ قومي محاذ جي سينئر وائيس چيئرمين امجد مهيسر جي سربراهي ۾ ڪارڪنن خيرپور لقمان ڦاٽڪ وٽ ريلوي ٽريڪ تي ڌرڻو هڻي ريل ٽريڪ به بند ڪري ڇڏيو. عوام ايڪسپريس گذري رهي هئي جنهن کي به روڪيو ويو. اڍائي ڪلاڪن بعد احتجاج ختم ڪري ريلوي ٽريڪ بحال ڪري جيئي سنڌ جو احتجاجي جلوس ڌرڻي ۾ شرڪ ٿيو. ڌرڻي تي نامعلوم ماڻهن جي فائرنگ جي خبرن بعد مختلدف سياسي ڪارڪنن ۽ بار ڪائونسلن جا وڪيل ۽ عام ماڻهو به ڌرڻي ۾ پهچي ويا ۽ هزارين ماڻهن جي شرڪت سبب وڏو عوامي ميڙ لڳي رهيو هو. ڪراچي بار جي صدر عامر نواز وڙائچ جو چوڻ آهي ته ڪينان جي رد ٿيڻ جي نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ تائين ڌرڻو جاري رهندو. سڀاڻي سومر تي ايڪشن ڪميٽي جو اجلاس آهي جنهن ۾ ريلوي ٽريڪ بند ڪرڻ ۽ عدالتي ڪاروائي جي بائيڪاٽ بابت غور بعد فيصلو ٿيندو ۽ سومر تي 5 وڳي نئين لاءِ عمل جو اعلان پريس ڪانفرنس م ڪنداسين. ٻئي پاسي ديرا موڙ وٽ لڳل ڌرڻو ختم ڪري ان کي شڪارپور منتقل ڪيو ويو آهي.

Screengrab

جمعي تي منجهند 12 وڳي بند ڪيل هاءِ وي کي آچر تي 48 ڪلاڪن کان مٿي وقت گذري ويو آهي ۽ اپ ڪنٽري سان هاءِ وي ۽ موٽر وي جو رابطو معطل آهي، هزارين گاڏيون روڊن تي ڦاٿل آهن، تيل سميت مختلف شين جي سپلاءِ به معطل آهي. آچر تي صبح جو پوڻين ڇهين وڳي ويگو ۽ فارچونر گاڏين ۾ سوار نامعلوم ماڻهن ڌرڻي تي فائرنگ ڪئي جنهن ۾ وڪيل اڳواڻ عامر نواز وڙائچ موجب 2 ڪارڪن زخمي ٿيا آهن.ڪراچي بار جي صدر عامر نواز وڙائچ  حملي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته  هي بزلاڻوڪم ڪري ڊيڄاريو پيو وڃي بجاءِ اهو ڪم ڪري ڪجه نه ٿيندو ،ماڻهن جي تڪليف کي حل ڪريو،اسان پنهنجا ڪفن گڏ کڻي آيا آهيون يا شهيد ٿينداسون يه نوٽيفيڪيشن واپس وٺي وينداسون، ڌرڻي کي خطاب ڪندي عامر نواز وڙائچ چيو ته اسان ڌرتي جو قرض ۽ پنهنجو فرض نڀائي رهيا آهيون، ڌمڪين ۽ فائرنگ کان ڊڄڻ وارا نه آهيون، هي ڌمڪيون ڏين، فائرنگون ڪن يا بمن سان اڏارين اسان هاڻ پوئتي نه هٽنداسين، اسان مري به وڃون پر اوهان کي پوئتي نه هٽڻو آهي. هن چيو ته اڄ اسان جي ڪيمپ تي حملو ڪري فائرنگ ڪئي وئي، اسان ڊڄڻ وارا نه آهيون، هيءَ جدوجهد سڀني جي گڏيل جدوجهد آهي.  عامر نواز وڙائچ چيو ته اسان کي افغانستان جي عوام جيان بيهي رهڻو آهي، پنهنجا سينا هنن جون گوليون کائڻ لاءِ کولي ڇڏيو، ڏينهن ڏينهن اوهان جي موجودگي ۾ اضافو ٿي رهيو آحي جيڪو انهي ڳالهه جو ثبوت آهي ته اسان ٿڪجڻ وارا نه آهيون، بزدلن واري زندگي نه گذاريو،وڪيل اڳواڻ وڌيڪ چيو ته وفاقي وزير راڻا ثناء الله چيو آهي ته ته هي جتيون ڇڏي ڀڄي ويندا، اسان راڻا ثناءُالله کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته اسان ڀڄڻ وارن مان نه آهيون، اڄ راڻا پاڻ جهڪيو آهي جنهن جو احترام ڪريون، راڻا صاحب کي اهڙا بيان نه ڏيڻ گهرجن. اهي ڌمڪيون غنڊه ڏيندا آهن، اوهان هن مسئلي کي هلڪو نه وٺو هي تاريخ ساز جدوجهد آهي. توهان جي مزاحمت هن حڪومت کي هٽائي سگهي ٿي، هن چيو ته اسان کي انهي ڳالهه سان ڪا به غرض ناهي ته ڳالهيون ڪنهن سان ڪيون ٿيون وڃن، اسان رٿا جي ملتوي ٿيڻ جو آرڊر جاري ٿيڻ کان اڳ نه اٿنداسين.هن چيو ته سڀاڻي صبح جو ڏھين وڳي 72  ڪلاڪ مڪمل تي ويندا، جنهن بعد وڪيلن جو اجلاس ٿيندو، مان هر طبقي جي ماڻھو کي حصو وٺڻ جي اپيل ڪريان ٿو، اسان سڀاڻي احتجاج جو دائرو وڌائينداسين، هن چيو ته سنڌو درياءَ اهو درياءَ آهي جيڪو اوهان جي نسلن لاءِ جياپي جو ذريعو آهي. جي ڊي اي جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر صفدر علي عباسي سيد زين شاهه حسنين مرزا سردار عبدالرحيم پنهنجي گڏيل بيان ۾ ڪينالز جي خلاف ٻٻرلوءِ  بائي پاس تي وڪيلن جي ڌرڻي تي حملي ۽ فائرنگ جي سخت مذمت ڪئي ۽ مطالبو ڪيو ته ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙن تي فائرنگ ڪندڙ دهشتگردن کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ حڪومت وڪيلن جي تحفظ لاءِ سخت ڪارروائي ڪري، انهن چيو ته پوليس جي موجودگي ۾ حملو ڪيترائي سوال پيدا ڪري ٿو. جي ڊي اي اڳواڻن واضح ڪيو ته جيڪڏهن، خدا نه ڪري، ڪنهن وڪيل کي ڪجهه ٿيو ته  سنڌ جا ماڻهو ڪنهن کي به معاف نه ڪندا، اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ڪينالز جا حامي ۽ انهن جا پوئلڳ ماڻهن جي احتجاج ۽ ڪاوڙ کان ڊڄي ويا آهن پر ڪينالز جي حامي ياد رکن ته سنڌ جا ماڻهو ڪڏهن به پنهنجا حق نه ڇڏيندا، اسين سڄي سنڌ ۾ ڪينالن جو فيصلو واپس نه وٺڻ تائين احتجاج جاري رکنداسين.  فائرنگ واري واقعي جي خبر بعد خيرپور، لاڙڪاڻو، سکر، نوشهرو فيروز ۽ ڀر پاسي جي شهرن مان وڪيلن، سياسي پارٽين جا قافلا وڏي تعداد ۾ ڌرڻي واري جاءِ پهچڻ شروع ٿي ويا آهن ۽ ماڻهن ۾ وڏي ڪاوڙ ۽ نفرت آهي.

فائرنگ واقعي جو تفصيل پڙهو، هتي ڪلڪ ڪريو.

People of Sindh in Dharna Place 

ڇنڇر، وڪيل ڌرڻي جو ٻيو ڏينهن
جمعي تي منجهند ٻارهين وڳي لڳل ڌرڻي کي 24 ڪلاڪن کان مٿي وقت گذرڻ باوجود روڊ رستا بند آهن. ڪنڌرا، ٻٻرلوءِ شهر ۽ پير ڳوٺ واري روڊ کان سکر اچڻ وڃڻ لاءِ جيڪي متبادل رستا کليل هئا، اهي به بند ڪيا ويا، البته مقامي ماڻهن کي اچ وڃ جي اجازت هئي.پنجاب پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن پريس ڪانفرنس ۾ خبردار ڪيو هو ته 24 ڪلاڪن اندر ڌرڻو ختم نه ٿيو ته پنجاب ۽ اپ ڪنٽري ۾ پيٽرول پمپ بند ٿي ويندا ڇو ته سپلاءِ نه ملڻ سبب ڊيزل ۽ پيٽرول جي کوٽ ٿيندي. ڌرڻي ۾ شامل وڪيل اڳواڻ عبدالرزاق مهر سنڌيار سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته جيڪي متبادل رستا کليل هئا، اهي به اڄ بند ڪيا ويا آهن. هن چيو ته پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ڏانهن ويندڙ ٽريفڪ بند آهي جنهن کي 24 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت گذري چڪو آهي. هن ٻڌايو ته لوڪل ٽريفڪ کي چڪاس بعد اجاز ڏني پئي وڃي. هڪ سوال تي هن ٻڌايو ته وڪيلن جي اڄ رات 9 وڳي ميٽنگ آهي جنهن ۾ فيصلو ٿيندو ته ڌرڻو ڪيستائين جاري رکڻو آهي.ڌرڻي ۾ موجود هڪ ٻئي وڪيل سهيل ميمڻ ٻڌايو ته مان شڪر گذار آهيان وڪيل اڳواڻن غلام رسول سوهو، رزاق مهر، ڪاظم مهيسر، ارشاد ڌاريجو، حسيب پنهور ۽ ٻين دوستن جو، جن منهنجي نشاندهي ۽ هاءِ وي پوليس جي پريس رليز کي سامهون رکي متبادل کليل رستا به بند ڪرائي ڇڏيا آهن، هن ٻڌايو ته اڄ سکر ڊسٽرڪٽ بار جي جنرل سيڪريٽري ايڊوڪيٽ سندر چاچڙ جي قيادت ۾ نيشنل هاءِ وي جا باقي کليل روٽ به بند ڪيا ويا ۽ هوڏانهن وائيس آف خيرپور جي وڪيلن علي احمد ميمڻ ۽ ٻين ڪنڌرا وارو روڊ به بند ڪري ڇڏيو آهي. گذريل ڏينهن کان وڪيلن جي ڌرڻي ۾ جسقم جو مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، سنڌ ترقي پسند پارٽي جو مرڪزي اڳواڻ فتاح سميجو ، جي يو آءِ راشد محمود سومرو، رياض چانڊيو ۽ وڪيل اڳواڻ قربان ملاڻو ۽ شبير شر به موجود آهن.

Second Day Of Protest Adovactes Sit in dharna place 

Transgenders Protest in Hyderabad  

جمعو، ڌرڻي جو پهريون ڏينهن

خميس تي ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت مختلف شهرن مان وڪيلن جا قافلا جيڪي رات سکر پهتا هئا، اهي تيار ٿي 12 وڳي نيشنل هاءِ وي تي ٻٻرلوءِ باءِ پاس پهتا ۽ نيشنل هاءِ وي بلاڪ ڪري ڇڏيو. تنبو هڻي سخت گرمي ۾ وڪيل ڌرڻو هڻي ويٺا ته مختلف سياسي جماعتن جا ڪارڪن، عام ماڻهو، شاگردن سميت مختلف زندگي جي طبقن سان تعلق رکندڙ ماڻهون ڌرڻي ۾ شريڪ ٿيا. پرجوش هجوم صدر زرداري ۽ پيپلز پارتي خلاف نعرا هڻندا رهيا. پنجاب تو سان جهيڙو آهي، پاڻي خاطر جهيڙو آهي جا اڀ ڏاريندڙ نعرا لڳندا رهيا ته پنجاب ۽ پاڻي روڪڻ خلاف مختلف شاعرن جي تازا قومي گيت جيڪي مختلف فنڪارن ڳايا آهن، اهي به وڄندا رهيا. پهرين ڏينهن ڌرڻي ۾ موجود وڪيل اڳواڻ شبير شر سنڌيار سان فون تي ڳالهائيندي جمعي تي چيو هو ته سڀاڻي تائين هي ڌرڻو جاري رهندو ۽ سڀاڻي ميٽنگ ٿيندي، جنهن ۾ فيصلو ڪبو ته ڌرڻو آچر تائين جاري رکجي يا سڀاڻي ختم ڪجي. هڪ سوال تي شبير شر ٻڌايو ته ڌرڻي جي حمايت ۾ عوامي سمنڊ اٿلي پيو آهي، آس پاس جا ماڻهو ڌرڻي وارن لاءِ رضا ڪارانه طور تي ماني ۽ پاڻي جو بندوبست به ڪري رهيا آهن. عام ماڻهن م ڪمال جو جذبو آهي، اسانجي توقع کان وڌيڪ عوامي ساٿ جو جذبو آهي. ڌرڻي ۾ اسڪولي شاگرد، شهري، اديب، سماجي اڳواڻ ۽ زندگيءَ جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهو شامل آهن هر طرف سنڌو درياهه تي ڪئنال اڏڻ واري منصوبي خلاف جذباتي نعرن جي گونج آهي.

Traffic Jam on Main Babarlau By Pass 

KBA President Amir Nawaz Warraich Reached Dharna Place  Wellcome by People of Sindh 

پهنجو تبصرو موڪليو