ويگو سوار نامعلوم ماڻهن جي ڌرڻي تي فائرنگ 2 ڪارڪن زخمي

ويگو سوار نامعلوم ماڻهن جي ڌرڻي تي فائرنگ 2 ڪارڪن زخمي

خيرپور/سکر(نمائندن وٽان) ڪينال مخالف ڌرڻي کي اڄ آچر تي ٽيون ڏينهن آهي ۽ سنڌ جو باقي ٽنهي صوبن سان زميني رابطو ڪٽيل آهي. آچر تي صبح جو سوير نامعلوم ويگو ۽ فارچونر سوارن ڌرڻي ۾ ويٺل ماڻهن مٿان فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا. عيني شاهدن جو چوڻ آهي ته حملو ڪندڙ ٽن ويگو گاڏين ۾ سوار هئا، ٻه سفيد ۽ هڪ ڪاري رنگ جي گاڏي هئي. ان وقت وڪيل دوست پاسي واري هوٽل تي چانهن پي رهيا هئا ۽ پوليس به موجود هئي. اسان پوليس وارن کي چيو ته حملو ڪندڙن جو پيڇو ڪيو ته پوليس وارا ٿورو اڳتي وڃي موٽي آيا. هڪ نوجوان فيسبڪ تي جاري ڪيل ويڊيو ۾ ٻڌايو ته هن فائرنگ ڪندڙ گاڏي تي پٿراءُ ڪيو پر گاڏيون تيزي سان اڳتي نڪري ويون. وڪيل اڳواڻ عامر وڙائچ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته حملو ڪندڙ نامعلوم ماڻهن بابت سڀني کي خبر آهي ته هي ڪير آهن. هن چيو ته مان واضح ٿو ڪريان ته ڪينال معاملو سنڌ جي جياپي جو مسئلو آهن اسين ان تي پوئتي نه هٽنداسين، ڀلي اسانکي ماري ڇڏيو. هن ان موقعي تي گولين جا خول به ميڊيا کي ڏيکاريا جيڪي واردات واري جاءِ وٽان مليا آهن. هن چيو ته اسانجا 2 ڪارڪن حاڪم ۽ عذير ڪيريو زخمي آهن. هن چيو ته اسين 72 ڪلاڪن جو الٽيميٽم ڏنو هو ته ڪينال ٺاهڻ جو منصوبو رد ڪرڻ ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪريو ته ڌرڻو ختم ڪنداسين ٻئي صورت ۾ ڌرڻو جاري رهندو. هن چيو ته 72 ڪلاڪن جو الٽيميٽم ختم ٿيڻ بعد اسين مشاورت بعد پريس ڪانفرنس ۾ ڌرڻي جو لاءِ عمل ٻڌائينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو