ڌرڻن تي پوليس حملن خلاف ڪراچي ۾ سول سوسائٽي جو احتجاج

ڌرڻن تي پوليس حملن خلاف ڪراچي ۾ سول سوسائٽي جو احتجاج

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪشمور ۽ ڪنڌ ڪوٽ ۾ مغوين جي بازيابي لاءِ لڳل ڌرڻن تي پوليس جي چڙهاين، ڇرين ۽ لٺين سان ڪيل حملن خلاف ڪراچي ۾ نوجوان ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا، سول سوسائٽي جا نمائندا نڪري آيا. ٽن تلوارن واري چوڪ تي گڏ ٿيلن ايس ايس پي امجد شيخ خلاف اڀ ڏاريندڙ نعريبازي ڪندي مٿس تنقيد ڪئي. نوجوان ناري جذباتي شعر پڙهندي چيو ته پوليس ڌاريلن سان مليل آهي ۽ سردارن جي وانگار وهندي پر امن مظاهرين تي حملو ڪيو آهي. اهو سنڌ جي شعور تي حملو آهي اسين سنڌ ۾ هٿرادو طور پيدا ڪيل بدامني، ڌاڙيل ۽ ڀوتارڪي نظام خلاف جدوجهد جاري رکنداسين. هن چيو ته اسين پوليس گردي جي مذمت ڪريون ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو