ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته هن پوليس کي ٽي اهم ٽاسڪ ڏنا آهن جن ۾ ڪچي واري علائقن مان ڌاڙيلن جو خاتمو، شهرن ۾ اسٽريٽ ڪرائم جي شرح کي ٻُڙي تي آڻڻ ۽ منشيات مافيا جو خاتمو شامل آهن ته جيئن اسان جا ٻار انهن خطرن کان محفوظ رهن. هن چيو ته صوبي جي عوام جي جان و مال ۽ تحريڪ جي آزادي جو تحفظ اسان جي ذميواري آهي تنهنڪري اسان کي ان قسم جي خطرن کي ختم ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن شهيد حيات پوليس ٽريننگ ڪاليج سعيد آباد ۾ 117هين پاسنگ آئوٽ پريڊ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي انسپيڪٽر جنرل پوليس غلام نبي ميمڻ، ڊي آءِ جي ٽريننگ حميد کوسو، ڪاليج جو پرنسپال بشير چاچڙ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته 787 ڪانسٽيبلن جو پاس آئوٽ ٿيڻ پوليس فورس ۾ وڏو اضافو آهي. هن چيو ته مون صوبائي پوليس کي سٺي پگهار، شهيدن جو معاوضو، نوڪري ۽ سندن رٽائرمينٽ تائين پگهارون جاري رکڻ، تربيت هيٺ پوليس اهلڪارن لاءِ جديد سامان ۽ ميس الائونس جون سهولتون ڏئي کين وڌيڪ مستحڪم ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان جي اهڙن قدمن سان پوليس جو حوصلو بلند ٿيو آهي ۽ هاڻي مان توهان (پوليس) کي ان اميد سان ته توهان لاڳاپيل ٽئي ذميواريون پوريون ڪندا. اهي ٽي مکيه ذميواريون هيءَ آهن: ڪچي واري علائقي ۾ ڌاڙن خلاف آپريشن، وڏي وزير پهريون اعلان ڪيو ته انهن ڌاڙيلن خلاف ڪلين اپ آپريشن ڪيو وڃي جيڪي ڀنگ عيوض ماڻهن سان گڏ ٻارن کي پڻ اغوا ڪندا رهندا آهن. هن چيو ته اها ڳالهه انتهائي ڏکوئيندڙ آهي ته ڌاڙيلن پاران پرامن ماڻهن کي سندن ٻارن سميت اغوا ڪيو وڃي ٿو جيڪا برداشت جوڳي ڳالهه نه آهي، انهن کي دهشت گرد سمجهي خاتمو ڪجي ته جيئن ڪوبه ٻيهر اغوا لاءِ اهڙو گروهه جوڙي نه سگهي. اسٽريٽ ڪرائم: ٻيو ڪم جنهن تي سنڌ جي وڏي وزير پنهنجي تقرير دوران زور ڏنو، اهو شهر ۾ اسٽريٽ ڪرائم جي واقعن بابت هو. هن وڌيڪ چيو ته اسٽريٽ ڪرائم ۾ واڌ جو هڪ سبب ملڪ جي معاشي صورتحال آهي پر ان کي ڪنهن به صورت ۾ جائز نٿو چئي سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته شهر ۾ اسٽريٽ ڪرائم جا واقعا ڪراچي پوليس لاءِ چئلينج بڻجي ويا آهن. مراد علي شاهه چيو ته شهر ۾ اسٽريٽ ڪرائيم سبب خاندانن جي آزاد اچ وڃ کي متاثر ڪري رهيو آهي جنهن تي ڪنٽرول ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته مان چاهيان ٿو ته پوليس اسٽريٽ ڪرمنلز کي ختم ڪري شهر جي عوام جو اعتماد بحال ڪري. منشيات جي اسمگلنگ: سنڌ جي وڏي وزير پوليس کي شهر مان ڊرگ مافيا ۽ منشيات فروشن جي خاتمي لاءِ ٽيون اهم ٽاسڪ ڏنو آهي. هن چيو ته مون کي خبر آهي ته ڊرگ مافيا خلاف ٽارگيٽيڊ آپريشن جاري آهي پر اڃا تائين گهربل نتيجا اچڻا آهن. مراد علي شاهه چيو ته هٿراڌو منشيات اسان جي تعليمي ادارن تائين پهچي چڪي آهي ۽ اسان جي نوجوان نسل کي تباهه ڪري رهي آهي. هن پوليس کي هدايتون ڏيندي چيو ته ڊرگ مافيا خلاف ڪارروائي تيز ڪئي وڃي ڇوته اهي اسٽريٽ ڪرائم ۾ به ملوث آهن. سنڌ پوليس جي تعريف: سنڌ جي وڏي وزير سنڌ پوليس جي خدمتن ۽ بهادري کي ساراهيندي چيو ته سندن 2400 جوانن دهشتگردن، ٽارگيٽ ڪلرز، اسٽريٽ ڪرمنلز، ڊرگ مافيا ۽ پوليو ٽيمن جي حفاظت ڪندي پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪيو. هن اميد ظاهر ڪئي ته ”مون کي توهان تي ڀروسو ۽ پڪ آهي ته توهان (سنڌ پوليس) انهن ٽنهي خطرن کي ختم ڪرڻ جي صلاحيت رکو ٿا.“ مراد علي شاهه ڪراچي سميت صوبي جي ٻين حصن ۾ امن جي بحالي لاءِ رينجرز، پاڪ فوج ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي قربانين کي به ياد ڪيو. پاسنگ آئوٽ پريڊ: ان کان اڳ سنڌ جي وڏي وزير خاص مهمان طور پاسنگ آئوٽ پريڊ جو جائزو ورتو ۽ تربيت حاصل ڪندڙ پوزيشن هولڊرن ۾ انعام ورهايا. انسپيڪٽر جنرل آف پوليس غلام نبي ميمڻ سنڌ جي وڏي وزير کي تربيتي پروگرامن جي مختلف ڪيٽيگريز جهڙوڪ ڪمانڊو، جهيڙن جهٽن کي منهن ڏيڻ، ڦرلٽ جي ڪوشش کي ناڪام بڻائڻ ۽ ڇاپن بابت بريفنگ ڏني. ان موقعي تي ڳالهائيندي آءِ جي پوليس چيو ته ماضي ۾ انڊر ٽريننگ پوليس اهلڪارن کي ٽريننگ سينٽرز ۾ ميس جي سهولت جو خرچ برداشت ڪرڻو پوندو هو. هن ياد ڏياريو ته سنڌ جي وڏي وزير گذريل سال پوليس ٽريننگ انسٽيٽيوٽ شهدادپور جي دوري دوران تربيت هيٺ پوليس آفيسرن جي ميس لاءِ الڳ بجيٽ جو اعلان ڪيو هو. موجوده بجيٽ ۾ سنڌ جي وڏي وزير ٽريننگ ادارن جي ميسز لاءِ 360 ملين رپيا رکيا آهن. پاس آئوٽ ٿيندڙ پوليس اهلڪارن سنڌ جي وڏي وزير کي پنهنجي پوليسنگ صلاحيتن جو مظاهرو ڏيکاريو ۽ وڏي وزير سندس واکاڻ ڪئي. پاسنگ آئوٽ پريڊ ۾ پوليس آفيسرن، ٽريني ڪانسٽيبلن جي خاندانن، سول سوسائٽي جي ميمبرن ۽ علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.










