خانپورمهر(ن سنڌيار) خانپورمهر سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري ۽ افغانين جي نيڪالي لاءِ خانپورمهر ۾ جسقم سميت مختلف تنظيمن ۽ سماجي ڪارڪنن پاران ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ڪارڪنن ڪامريڊ دودو مهر، صدرالدين مهر ،نيهال سنڌي، حبيب سيال، رشيد سنڌي،آغا پٺاڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پنج گلي چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو، ريلي ۾ شريڪ ڪارڪنن ڌاري آبادڪاري خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪارڪنن جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ آيل سمورن ڌارين افغاني پٺاڻن کي نيڪالي ڏني وڃي، هنن چيو ته ڌارين جي آبادڪاري ڪري ڌرتي ڌڻين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. هنن مطالبو ڪيو ته ڌارين کي نيڪالي ڏئي بيچيني ختم ڪئي وڃي.










