ڌارين جي آبادڪاري ۽ ڪوڙا ڊوميسائيل سنگين خطرا آھن: پليجو

ڌارين جي آبادڪاري ۽ ڪوڙا ڊوميسائيل سنگين خطرا آھن: پليجو

حيدرآباد (ن س )قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري ۽ سيڙپڪاري، کين زمينن جو وڪرو، ڌارين جا قبضا ۽ ڪوڙا ڊوميسائيل سنگين تاريخي خطرو آھن. سنڌ ھاءِ ڪورٽ کي سنڌ جي استحصال جو نوٽيس وٺڻ گھرجي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ ٻين وڏن شھرن ۾ لکين غير قانوني پرڏيھي رھن ٿا۔ اھي پرڏيھي سنڌ جي وسيلن تي بار آھن۔ روزگار تي قابض آھن۔ اھي نہ ھجن تہ اھو روزگار مقامي ماڻھن کي ملندو۔ سپريم ڪورٽ پرڏيھين کي واپس موڪلڻ جا حڪم ڏئي چڪي آھي پر حڪمران عمل نٿا ڪن۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ غير قانوني پرڏيھي زمينو خريد ڪري رھيا آھن۔ انھن کي شناختي ڪارڊ ۽ ڊوميسائيل ٺھي ملي رھيا آھن، جنھن ڪري اھي وڏو خطرو آھن۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلز پارٽي حڪومت سنڌ ۾ مهانگائي جو طوفان برپا ڪري ڇڏيو آهي. ھاري، مزدور ۽ غريب ماڻھو خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھن. حڪمران ھوش کان ڪم وٺن، انھن کي واپس عوام ۾ اچڻو آھي. سنڌ بدامني جي باھ ۾ سڙي رھي آھي شھرن ۽ ڳوٺن جا روڊ رستا ڏوھارين جي حوالي ٿيل آھن. پوليس ڏوھارين اڳيان بيوس لڳي پئي آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پ پ پ جي سنڌ سرڪار اقتدار جي حوس خاطر سنڌ دشمن فيصلا ڪري رھي آھي، پ پ پ جي سنڌ دشمن فيصلن جي ڪري سنڌ گھڻ رخي مسئلن ۾ جڪڙيل آھي، سنڌ ۾ نااھل حڪمراني سالن کان ڪوڙ، ٺڳي ۽ بدنيتي جي بنيادن تي موجود آھي. ھڪ طرف مھانگائي جو طوفان برپا ڪري غريب ماڻھن کان جيئڻ جو حق کسيو پيو وڃي تہ ٻئي طرف بدامني ۾ واڌ سبب سنڌ ۾ غنڊہ راڄ قائم ٿيل آھي سرڪار جي رٽ نظر نٿي اچي. سنڌ جي عوام کي ڏوھارين، ڀوتارن، لٺ سردارن جي رحم و ڪرم تي ڇڏيو ويو آھي، چوريون، ڦريون، قتل غارت جا واقعا عروج تي آھن ۽ پيپلز پارٽي ٻيھر اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ جا وسيلا وڪڻي رھي آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو