ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ وڌيڪ ڌارين جي آبادڪاري نامنظور، سنڌ ۾ والاريل ڪشمير جَي پناهگيرن جِي آبادڪاري جي تيارين خلاف سوشل ميڊيا تي شديد ردعمل، ٽوئيٽر تي نو مور ريفيوجيز اِن سنڌ ٽاپ ٽرينڊ بڻيل، سوشل ميڊيا تي ردعمل ۾ چيو ويو آهي ته ڌرتي ڌڻين کي پنهنجي سرزمين جو تحفظ ڪرڻ جو پورو حق آهي، سنڌ جو هر ماڻهو ڌارين جي آبادڪاري واري منصوبي کي ناڪام بڻائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪندو، کورواهه ۾ ڌارين جي آبادڪاري خلاف احتجاج دوران وڏي انگ ۾ شهرين جي شرڪت، سنڌ اندر ڪشميري پناهگيرن کي آبادڪار ڪرڻ واري وفاق جي سازش ۾ سنڌ حڪومت به ملوث قرار، مظاهرين طرفان ڌارين جي آبادڪاري خلاف تحريڪ هلائڻ جو چتاءُ ڏنو ويو آهي.










