ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظيرآباد جي صدارت هيٺ اجلاس،هدايتون

ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظيرآباد جي صدارت هيٺ اجلاس،هدايتون

نوابشاهه (ن س ) ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظيرآباد شھريار گل ميمڻ جي صدارت ھيٺ ضلع شھيد بينظيرآباد ۾ 21 نومبر کان شروع ٿيندڙ پوليو خلاف قومي مھم جي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ ھڪ اجلاس ڊي ايڇ او آفيس جي ڪميٽي روم ۾ ٿي گذريو ان موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظيرآباد شھريار گل ميمڻ چيو ته ملڪ ۾ پوليو وائرس جي موجودگي مستقبل جي معمارن لاءِ ڪنھن خطري کان گھٽ نہ آهي انھي لاء سمورا والدين ۽ پوليو خلاف ڪم ڪندڙ لاڳاپيل کاتا 21 نومبر کان منعقد ٿيندڙ پوليو خلاف قومي مھم کي ڪامياب بنائڻ ۽ ڄمڻ کان وٺي پنج سال تائين عمر جي سمورن ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ ۾ صحت کاتي سان تعاون ڪن ته جيئن ٻارن کي ڦڙا پياري سموري زندگي جي معذوري کان بچائي سگھجي ۽ پوليو وائرس کي ڦھلجڻ کان روڪي سگھجي ڊپٽي ڪمشنر صحت کاتي جي عملدارن کي ھدايت ڪئي ته پوليو خلاف مهم کي ڪامياب بنائڻ لاءِ مائڪرو پلان تي خاص ڌيان ڏنو وڃي ڇاڪاڻ ته بھتر مائڪرو پلان سان ئي پوليو خلاف مھم کي ڪامياب بڻائي سگھجي ٿو جڏھن تہ ريفوزل ٻار ڪوور ڪرڻ لاءِ پڻ حڪمت عملي جوڙي وڃي ڊپٽي ڪمشنر سمورن تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته پوليو خلاف مھم دوران پوليو ٽيمن جي نگراني ۽ ٽارگيٽ حاصل ڪرائڻ لاءِ صحت کاتي جي مدد ڪن. ڊپٽي ڪمشنر پوليس کاتي جي عملدارن کي ھدايت ڪئي ته صحت کاتي پاران مقرر ڪيل ٽرانزٽ پوائنٽن تي پوليس جي جوانن کي مقرر ڪري کين پابند بڻايو وڃي ته ھو ايندڙ ويندڙ گاڏين کي روڪين تہ جئين مقرر ڪيل ٽيمون گاڏين ۾ موجود پنج سال عمر تائين جي ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياري سگھن ان موقعي تي پوليو خلاف مقرر فوڪل پرسن ڊاڪٽر الله بخش راجپر اجلاس کي آگاھي ڏيندي ٻڌايو ته پوري ملڪ جيان ضلع شھيد بينظيرآباد ۾ پڻ پوليو خلاف قومي مھم 21 نومبر کان شروع ٿي رھي آھي جنھن دوران ضلع جي 3 لک 96 ھزار379 ٻارڙن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا ويندا جنھن لاء ڪل 1ھزار 117 ٽيمون مقرر ڪيون ويون آهن جن ۾ 960 گشتي، 53 ٽرانزٽ،74 فڪسڊ ۽ 30 ايس ايم ٽي ٽيمون شامل آهن پوليو مھم کي ڪامياب بنائڻ لاءِ مائڪرو پلان جي تياري ،پوليو ٽيمن جي تربيت سميت ٻيا گھربل انتظام جاري آھن جڏھن ته بھتر پلاننگ سبب گذريل پوليو خلاف خاص مھم دوران مقرر ڪيل ٽارگيٽ حاصل ڪيو ويو آهي اجلاس ۾ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر ڊاڪٽر اسدالله ڏاھري،ايڊيشنل ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر محمد صابر قريشي، ڊاڪٽر رياض شاهه، ڊپٽي ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر ڊاڪٽر امينه بروھي، ڊسٽرڪٽ پاپوليشن آفيسر رياض احمد شر، ڊي ايس پي پوليس حبيب الرحمان لاشاري، انفارميشن آفيسر اعجاز علي تيوڻو سميت سمورن تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن، تعلقہ ميڊيڪل آفيسرن شرڪت ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو