ڊپٽي اسپيڪر مٿان تشدد، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ٽيمون تشڪيل

ڊپٽي اسپيڪر مٿان تشدد، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ٽيمون تشڪيل

لاهور: (ويب ڊيسڪ) پنجاب اسيمبلي ۾ وڏي وزير جي چونڊ دوران ڊپٽي اسپيڪر تي تشدد ۽ جهيڙي واري معاملي تي پوليس جوابدارن جي سڃاڻپ ۽ گرفتاري لاءِ ٽيمون جوڙي ڇڏيون آهن. ذريعن موجب جوابدارن جي سڃاڻپ جي لاءِ سي سي ٽي وي پوليس کي نه ڏني وئي. پوليس آفيسر رات دير تائين اسيمبلي ۾ ئي موجود هئا. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته اسيمبلي سيڪريٽريٽ سي سي ٽي وي ڏيڻ جي بجاءِ بهانا ڪندي رهي. پوليس اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي تعاون نه ڪرڻ تي اعليٰ پوليس آفيسرن کي آگاهه ڪري ڇڏيو ۽ سي سي ٽي وي نه ملڻ تي موبائل فوٽيجز مان جوابدارن جي سڃاڻپ جو عمل شروع ڪري ڏنو آهي. پوليس موجب اجلاس دوران مهمان گيلري ۾ موجود 7 ماڻهن جي لسٽ به حاصل ڪئي پئي وڃي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن پنجاب اسيمبلي ۾ ٿيندڙ واقعي تي پوليس قتل جو ارادو، تشدد ۽ سرڪاري ڪمن ۾ مداخلت جي تحت ڪيس داخل ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو