ڊي چوڪ وڃڻ کان ڪا به رڪاوٽ نه روڪي سگهندي: خان

ڊي چوڪ وڃڻ کان ڪا به رڪاوٽ نه روڪي سگهندي: خان

صوابي(ويب ڊيسڪ)پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته اسان کي ڊي چوڪ وڃڻ کان ڪا به رڪاوٽ نه ٿي روڪي سگهي. صوابي انٽرچينج تي پارٽي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته ڊي چوڪ اسلام آباد پهچنداسين، ڪا به رڪاوٽ اسان کي روڪي نه سگهندي. هن چيو ته آمريڪي نوڪرن پاڪستان ۾ ڪنٽينر لڳائي ڇڏيا آهن، ماڻهن کي مارچ ۾ شرڪت کان روڪيو پيو وڃي، اسان جي ماڻهن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي، ماڻهن کي گهرن مان گرفتار ڪيو پيو وڃي، عورتن کي ماريو پيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو