سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ پاران ڊي سي ۽ اي سي صالح پٽ کي پاڻيءَ جي قدرتي لنگهن تان بااثرن جا بند هٽائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي گهوٽڪي واسي محمد عظيم مهر ۽ ٻين جي داخل درخواست تي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ ٻڌڻي ٿي، درخواستن تي جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو ۽ جسٽس ارباب علي هڪڙو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران واسطيدار ڌريون عدالت ۾ پيش ٿيون وڪيل قربان ملاڻو جو چوڻ هو ته صالح پٽ ۾ بااثرن پاران هٿرادو بند ڏئي پاڻي جي قدرتي لنگهن تي رنڊڪون وڌيون آهن درخواست ۾ چيو ويو آهي ته بااثرن پاران پاڻيءَ جا قدرتي لنگهه بند ڪرڻ سبب خانڳڙهه جون زمينونغيرآباد ٿي رهيون آهن وڪيل قربان ملاڻو موجب پاڻيءَ جي رنڊ روڪ سبب آبادگار فصل ڪاهڻ کان به محروم ٿي ويا آهن، هن استدعا ڪئي ته صالح پٽ مان بااثرن جا قائم هٿرادو بند هٽائي قدرتي لنگهه بحال ڪيا وڃن وڪيل ٻڌايو ته عدالت ڊپٽي ڪمشنر سکر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر صالح پٽ کي قدرتي لنگهن تان بند هٽائڻ جو حڪم ڏنو آهي










