نوشهرو فيروز(ن سنڌيار)ڊپٽي ڪمشنر نوشهرو فيروز محمد تاشفين عالم قومي شاهراھ باءِ پاس نوشهرو فيروز تي ٺاروشاھ نوشهرو فيروز لنڪ روڊ چوڪ ڀرسان ريپئر ٿيندڙ روڊ جي ڪم جو جائزو ورتو جتي تازين برساتن دوران پاڻي جي دٻاءَ سبب نقصان پهتو هو. ڊي سي، اين ايڇ اي وارن کي هدايتون ڏنيون تہ جلد روڊ جي مرمت جو ڪم پورو ڪيو وڃي تہ جيئن ٽريفڪ هلڻ ۾ وڌيڪ آساني پئدا ٿئي. ڊي سي محمد تاشفين عالم چيو تہ اسان کي عوام جي تڪليفن جو احساس آھي ۽ ضلعي انتظاميا وڌ ۾ وڌ تڪليفون دور ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات ڪوششون وٺي رهي آھي. هن چيو تہ ڀريا سٽي ۽ هالاڻي ۾ روڊ جي مرمت جو ڪم ڪافي مڪمل ٿي چڪو آھي باقي ٺاروشاھ نوشهرو فيروز چوڪ تي بہ ڪم تيزي سان هلي رهيو آھي جڏهن تہ ٽرئفڪ ۾ ڪابہ رڪاوٽ ناهي اها معمول مطابق هلي پئي










