نوشھروفيروز (ن سنڌيار) ڊپٽي ڪمشنر نوشھروفيروز محمد تاشفين عالم اڄ روهڙي ڪينال ڦل جو باقاعده معائنو ڪيو. ان موقعي تي اسسٽنٽ انجنيئر آبپاشي نوشھروفيروز ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر پڻ موجود هئا. ان موقعي تي هن ڊپٽي ڪمشنر کي روهڙي ڪئنال ۾ ٻوڏ جي پاڻي بابت بريفنگ ڏني. ڊپٽي ڪمشنر ڦل شھر جو دورو ڪيو ۽ شھر جي مختلف علائقن جو معائنو ڪيو. هن پرائمري هيلٿ سينٽر ڦل جو پڻ دورو ڪيو ۽ اتي ٻوڏ متاثرن کي موجود طبي سھولتن بابت ڄاڻ ورتي. ڊپٽي ڪمشنر نوشھروفيروز محمد تاشفين عالم دريا خان مري شھر جو دورو ڪيو، هن ٽائون ڪميٽي دريا خان مري ۽ گورنمينٽ هاءِ اسڪول دريا خان مري جو دورو ڪري موجوده ٻوڏ جي صورتحال جو جائزو ورتو ۽ برساتي پاڻي جي نيڪال جا حڪم جاري ڪيا. ان موقعي تي هن چيو ته شھرن مان برساتي پاڻي جي نيڪال ضلعي انتظاميا جي اولين ترجيح آهي. هن چيو ته ٻوڏ جي بلندي سبب ان جي نيڪال ۾ مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن.










