ڊي سي جو حڪم، اي سي جو ايڪشن، غير معياري چپس  ٺاهيندڙ ڪارخانو بند

ڊي سي جو حڪم، اي سي جو ايڪشن، غير معياري چپس ٺاهيندڙ ڪارخانو بند

گهوٽڪي)ن سنڌيار) ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي جي هدايت تي اسسٽنٽ ڪمشنر گهوٽڪي جي ڪارروائي، غير معياري ڪوڪنگ آئل ۾ چپس ٺاهيندڙ ڪارخانن تي ڇاپو، 2 ڪارخانا سيل ڪيا ويا. تفصيل موجب ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي محمد عثمان عبدﷲ جي هدايت تي اسسٽنٽ ڪمشنر گهوٽڪي محسن امتياز شهر جي مختلف بازارن جو دورو ڪري جائزو ورتو ان موقعي تي هن غيرمعياري ڪوڪنگ آئل ۾ چپس ٺاهيندڙ اوم پرڪاش ۽ نند مل جي غير رجسٽرڊ ننڍن ڪارخانن تي ڇاپو هڻي سيل ڪري ڇڏيا. ان سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر جو چوڻ آهي تي کاڌي پيتي جي شين ملاوٽ ڪندڙ يا غير معياري ٺاهيندڙ انساني زندگي سان کيڏي رهيا آهن اهڙن سمورن ڪردارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو