’ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري بابت معاملا طئي ٿيڻ جي دعويٰ ۽ اصل قصو‘

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اطلاعات واري وفاقي وزير چيو آهي ته نئون ڊي جي آءِ ايس آءِ مقرر ڪرڻ بابت معاملو طئي ٿي ويو آهي رڳو اعلان باقي آهي. هن چيو ته مان اهو نٿو ٻڌائي سگهان ته 24، 48 يا 72 ڪلاڪن ۾ نوٽيفڪيشن ايندو، وقت جو تعين وزيراعظم آفس ڪندي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ پارلياماني پارٽي جي اجلاس بعد صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته حڪومت ۽ فوج هڪ پيج تي آهن سول ملٽري تعلقات ڪڏهن به اهڙا بهتر ناهن رهيا جيڪي هاڻي آهن. ٻئي پاسي اجلاس بعد گهرو کاتي جي وزير شيخ رشيد احمد چيو ته فوج پنهنجي حساب سان ڪم ڪندي آهي وزيراعظم سياسي طريقي سان سوچي ٿو ڪو اختلاف ناهي معاملا سڌا ٿي ويا آهن. شيخ رشيد کان جڏهن سوال ڪيا ويا ته هو ڪاوڙ ۾ اهو چئي بنا ججواب ڏيڻ جي هليو ويو ته پاڳلن وارا سوال نه ڪريو. ان کان اڳ شاهه محمود قريشي جڏهن اجلاس ۾ شرڪت اءِ آيو ته هڪ صحافي کائنس پڇيو ته اوهان وزيراعظم سان گڏ آهيو نه؟ هن ڪو جواب نه ڏنو ته صحافي چيس خاموشي به وڏو جواب هوندو آهي جنهن بعد قريشي پوئٽي ڏسندس کيس مسڪرائيندي ڪيو ته اوهان ڪافي شرارتي آهيو. ياد رهي ته گذريک هفتي ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس بعد ڊي جي آءِ ايس پي آر جاري ڪيل بيان ۾ چيو هو ته موجوده ڊي جي آءِ ايس آءِ کي پشاور جو ڪور ڪمانڊر لڳائڻ ۽ ڪراچي واري ڪورڪمانڊر نديم احمد انجم کي نئون ڊي جي آءِ ايس آءِ بنائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. جنهن بعد وزيراعظم بنا پڇڻ جي نامزدگي تي اعتراض ڪندي چيو ته قانون موجب اهو فيصلو ڪرڻ سندس اختيار آهي ۽ رولز موجب اوهانکي ٽي نالا پيش ڪرڻا آهن جن مان هو چونڊ پاڻ ڪندو، جنهن بعد دفاع واري وزارت 3 نالا ڏنا جن ۾ ذريعن موجب آصف غفور جنهن کي عمران خان بنائڻ چاهي پيو ان جو نالو شامل نه هو. جنهن بعد وزيراعظم ۽ آرمي چيف ۾ اختلاف تيز ٿي ويا هئا. سومر تي ٻنهي ون ٽو ون ملاقات به ڪئي پر خميس تائين هي خبر فائيل ڪرڻ تائين معاملو طئي نه ٿيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو