ملير( درياخان شر) ڊي ايم سي ملير ۾ سوين جعلي ملازم، ٽئڪس اوڳاڙي ۾ فراڊ ۽ مرمتي ڪم جي نالي تي ڪروڙين رپين جي مبينا ڪرپشن جو انڪشاف ٿيو آهي. اينٽي ڪرپشن ٽيم آفيس تي ڇاپو هڻي اهم رڪارڊ ھٿ ڪري ورتو ڇاپي دوران عملي ۾ ٿرٿلو مچي ويو ۽ آفيسر فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. اينٽي ڪرپشن کاتي جي اختيارين جو چوڻ آهي ته ڊي ايم سي ملير ۾ ترقياتي اسڪيمن ۽ پئٽرول جي خرچن جي مد ۾ ڪروڙين رپين جا گهپلا هنيا ويا جڏهن ته مرمتي ڪم جي نالي تي به جعلي بلن ذريعي پئسا ورتا ويا آھن. اڍائي سالن دوران جعلي بلن ذريعي مرمتي ڪم ڏيکاريا ويا. اختيارين انڪشاف ڪيو ته ڊي ايم سي ۾ 680 جعلي ملازمن جي نشاندهي ٿي آهي ۽ 7 ڪروڙ کان وڌيڪ ٽئڪس اوڳاڙي ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي جيڪو به عملو ان ڪُڌي ڪم ۾ ملوث هوندو ان خلاف قانوني قدم کنيو ويندو.










