ڊي آءِ خان(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي ضلعي ڊيرا اسماعيل خان ۾ پوليس اسٽيشن تي حملي ۾ ملوث 2 دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو.سي ٽي ڊي ذريعن موجب ڊي آءِ خان واقعي ۾ ملوث دهشتگردن جي مڪمل نيٽ ورڪ جي نشاندهي ٿي وئي آهي.سي ٽي ڊي عملدارن جو چوڻ آهي ته ڊي آءِ خان واقعي ۾ ملوث باقي 13 دهشتگردن جي ڳولا جاري آهي.حملي جي رٿابندي ڪٿي هئي، سي ٽي ڊي اهلڪارن معاملي جي انتها تي پهچي ويو، گرفتار دهشتگردن جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيم سان آهي.سي ٽي ڊي عملدارن جو چوڻ آهي ته ملوث دهشتگردن جي گرفتاري لاءِ حڪمت عملي تيار ڪري ورتي آهي.واضح رهي ته ڊي آءِ خان جي چانڊڪا پوليس اسٽيشن تي حملي ۾ 10 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا هئا.










