فوتي پوليس اهلڪارن جو پيڪيج ڊبل، سنڌ ڪابينا جا اهم فيصلا

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ڪابينا ڊيوٽي دوران مري ويندڙ پوليس اهلڪار جي وارثن کي هڪ بدران ٻه ڪروڙ روڪ، هڪ پلاٽ ۽ هڪ نوڪري ڏيڻ جي منظوري ڏني آهي. سنڌ ڪابينا م ڪيل فيصلن بابت بريفنگ ڏيندي مشير اطلاعات مرتضيٰ وهاب صحافين کي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت انشورنس ڪمپني معرفت اهو انتظام به ڪيو آهي ته سنڌ م روڊ حاثن ۾ فوت ٿيندڙن جي وارثن کي هڪ هڪ لک معاوضو ڏنو ويندو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ڪابينا، لاڙڪاڻي ۾ مارجي ويل باجوڙ واسي پٺاڻن کي ڏهه ڏهه لک معاوضو ڏين جي به منظوري ڏني آهي ۽ مفتي تقي عثماني جي فوتي گارڊ کي نئون منظور ڪيل پيڪيج ملندو

بريفنگ ڏيندي مشير اطلاعات مرتضيٰ وهاب ٻڌايو ته سنڌ ڪابينا آپڪا جي مطالبن تي، ترقي نه ماڻي سگهندڙ ملازمن کي ٽائيم اسڪيل ڏيڻ، توانائي کاتي جي 7 ملحقه يعني ڳنڍيل کاتن کي ڪيٽيگري ون جي آفيسرز جا اختيار ڏيڻ جي به منظوري ڏني آهي. هن ٻڌايو ته اٽيچڊ ادارن ۾ ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرڪ پاور، ڊائريڪٽوريٽ آف آئل اينڊ گئس، ڊائريڪٽوريٽ آف الٽرنيٽ انرجي، سنڌ ڪول اٿارٽي، ڊائريڪٽوريٽ آف ڪول مائينز، ڊائريڪٽوريٽ آف انرجي ڊولپمينٽ ۽ انسپيڪٽوريٽ آف ڪول مائينز شامل آهن. هن ٻڌايو ته ڪابينا اجلاس ۾ ٿر ڪول فيلڊ ۽ گوڙاڻو ڊيم جي متاثره خاندانن کي ساليانو في خاندان هڪ هڪ لک رُپيا معاوضو ڏيڻ جي منظوري به ڏني. ان سان ٿر جي 575 خاندانن کي فائدو ملندو. مشير اطلاعات ٻڌايو ته سنڌ ڪابينا  ڪمپيوٽر آپريٽر ۽ ڊيٽا پروسيسنگ آفيسرز جي عهدن جي اپگريڊيشن لاءِ ڪميٽي جوڙي جي منظوري ڏني. جنهن ۾ آءِ ٽي کاتي جو صوبائي وزير، تعليم ۽ صحت جا صوبائي وزير، سروسز، فنانس ۽ آءِ ٽي کاتي جا سيڪريٽري ان جا ميمبر هوندا. اها ڪميٽي هڪ مهيني اندر رپورٽ ڏيندي ته ڪمپيوٽر آپريٽرز کي گريڊ ۾ ترقي ڏيڻ لاءِ ڪيتري اهليت ۽ ڪهڙو تجربو هجڻ گهرجي. ڪميٽي طرفان سروسز رولز جي حوالي سان به تجويزون ڏنيون وينديون. سنڌ ڪابينا آپڪا جي مطالبن تي نان پروموشنل پوسٽس تي ٽائيم اسڪيل ڏيڻ جي منظوري پڻ ڏني. ڪابينا طرفان اهڙن ملازمن کي ٽائيم اسڪيل ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي، جِن کي پروموشن نٿا ملي سگهن. جهڙوڪ ڪيشيئر، شاپ اسسٽنٽ، رڪارڊ ڪيپر، اسٽور ڪيپر ۽ اڪائونٽس ڪلرڪ کي ٽائيم اسڪيل ڏنو ويندو. سنڌ ڪابينا پَيرول تي قيدين جي عارضي آزادي جا اختيار گهرو سيڪريٽري کي ڏئي ڇڏيا. پهرين اُهي اختيار سنڌ سرڪار وٽ هئا ۽ وڏو وزير ڪابينا جي منظوري ذريعي پيرول تي قيدين کي عارضي طور آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏيندو هو. هن ٻڌايو ته ڪابينا جيل ۾ قيدين کي بي ڪلاس جي سهولت ڏيڻ جا اختيار به گهرو سيڪريٽري کي ڏئي ڇڏيا. هن ٻڌايو ته سنڌ ڪابينا ڪمند جو امدادي اگهه 182 روپيا مقرر ڪرڻ جي منطوري به ڏني. ياد رهي ته ڪمند جي سيزن پوري ٿي وئي ۽ شگر ملز بند ٿي ويون پر اگهن بابت سمري گذريل سال آڪٽوبر ڪا پينڊنگ ۾ رهندي آئي. مرتضيٰ وهاب ٻڌايو ته مشير مقرر ڪرڻ لاءِ گورنر کان اجازت بابت قانون م ترميم جي منظوري به ڏني وئي. ان کان اڳ سنڌ جي وڏي وزيرسيد مراد علي شاهه ڪابينا اجلاس کي خطاب ۾ ٻڌايو ته وفاق کان 119 ارب روپيا هن مهل تائين گهٽ مليا آهن ۽ وفاق کي ايندڙ اڍائي مهينن ۾ 269 ارب ڏيڻا آهن، جيڪا رقم ملي اها به ٿوري ٿوري ملندي رهي ۽ اهي پئسا پگهارن ۾ هليا وڃن ٿا ۽ ترقياتي ڪم متاثر ٿين ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو