ٽنڊومحمدخان (لال بخش سٺيو) ڊينگي بخار ۾ مبتلا نوجوان فوت. ڳوٺ سليمان سومرو جو رھواسي 20سالا نوردين ولد نورمحمد سومرو ڊينگي بخار ھئڻ ڪري ڪراچي م فوت ٿي ويو. فوتي جو لاش گھر پھچڻ تي سڄي گھر ۾ روڄ راڙومچي ويو. نوجوان جي جنازي نماز سندس اباڻي ڳوٺ سليمان سومرو ۾ ادا ڪئي وئي.










