ڊونلڊ ٽرمپ پاڻ کي بي قصور قرار ڏئي ڇڏيو

ڊونلڊ ٽرمپ پاڻ کي بي قصور قرار ڏئي ڇڏيو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪا جي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي مٿان لڳايل الزامن کي مڪمل طور رد ڪندي پاڻ کي بيگناهه قرار ڏنو آهي.آمريڪي ميڊيا موجب اڳوڻو صدر ڊونلڊ ٽرمپ واشنگٽن ڊي سي جي عدالت ۾ پيش ٿيو.پرڏيهي ميڊيا موجب جج ڪيپيٽل هيل تي 6 جنوري جي واقعي سان لاڳاپيل چار الزام پڙهيا ۽ ايندڙ ٻڌڻي 28 آگسٽ تي مقرر ڪئي.آمريڪي ميڊيا موجب ڊونلڊ ٽرمپ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي صدارتي بحث کان پنج ڏينهن پوءِ ٿيندي.اڳوڻي صدر تي الزام آهي ته هو 2020 جي چونڊن جي نتيجن کانپوءِ غيرقانوني طور تي عهدي تي رهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.آمريڪي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ تي الزام ثابت ٿيڻ جي صورت ۾ کيس 55 سال قيد جي سزا ٿي سگهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو