ڊونلڊ ٽرمپ تي فرد جرم لاڳو ٿيڻ جو امڪان

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي فرد جرم لاڳو ٿيڻ جو امڪان آهي.پرڏيهي خابرو اداري موجب گرانڊ جيوري اڄ ٽرمپ جي فرد جرم تي ووٽ ڏئي سگهي ٿي. پوليس هاءِ الرٽ تي آهي ۽ ٽرمپ جي ممڪن گرفتاري ۽ فرد جرم جي انتظار ۾ نيويارڪ ۾ ٽرمپ ٽاور جي ويجهو بيريڪيڊس ٺاهيا ويا آهن.ميڊيا رپورٽن موجب ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي حمايتين کي احتجاج جو سڏ ڏنو هو، سندس گرفتاري جي خوف کان فلوريڊا ۾ ٽرمپ جي 40 جي لڳ ڀڳ حامين پاران ريلي ڪڍي وئي آهي.ان دوران نيويارڪ سٽي ۾ ٽرمپ خلاف ريلي ڪڍي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو