لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي مئنيجمينٽ ڪميٽي 12 جون تي نئين ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ جي ڍانچي جو اجلاس طلب ڪري ورتو آهي.ذريعن موجب اجلاس ۾ اسٽيڪ هولڊرز سان ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ جي ڍانچي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي.ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ، پاڪستان ڪپ ۽ ٽي 20 فارميٽ جي ايونٽس تي غور ڪيو ويندو ۽ اسٽيڪ هولڊرز کي ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ جي ڍانچي بابت بريفنگ ڏني ويندي.ذريعن موجب ملاقات ۾ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ جي ڍانچي ۾ ڊپارٽمينٽز جي ڪردار تي به غور ڪيو ويندو.










