ممبئي(ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ جي ڊمپل گرل دپيڪا پڊوڪون جيڪا تازو رليز ٿيل فلم ”گھرائيان“ ۾ پنهنجي بولڊ ڪردار جي ڪري خبرن ۾ اچي وئي آھي، چيو آھي ته کيس ڪيريئر جي شروعات ۾ ڪيترائي مشورا ڏنا ويا جن مان ڪجھ انتهائي نامناسب به ھئا. دپيڪا پڊوڪون کي فلم ۾ چمين جي بولڊ سينن جي شوٽنگ تي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي، جڏهن ته اداڪارا موجب سندس مڙس ۽ والدين سندس بولڊ اداڪاري ڏسي خوش ٿيا آهن. فلم ”گهرائيان“ ۾ دپيڪا پڊوڪون اداڪاره اننيا پانڊي جي ڪزن جو ڪردار ادا ڪيو آهي، جنهن جو پنهنجي ڪزن جي منگيتر سان لاڳاپو آهي. فلم ۾ ڪيترن ئي بولڊ منظرن جي شوٽنگ ڪرڻ تي کيس تنقيد جو نشانو بڻايو ويو، جنهن ۾ سندس ڪزن جي منگيتر سان سندس لاڳاپا به شامل هئا، پر اداڪارا ڪيترن ئي انٽرويوز ۾ چيو هو ته فلم ڏسڻ کان پوءِ نه ته سندس والدين ۽ نه ئي سندس مڙس ناراض ٿيا، ان ڪري کين ٻين جي پرواهه ناهي. سندس فلم 11 فيبروري تي ايمازون پرائيم تي رليز ٿي هئي. هن چيو ته کيس شاهه رخ خان سٺا مشورا ڏنا پر هڪ ٻئي همراهه جنهن جو نالو کڻڻ کانسواءِ ٻڌايو ته کيس چيو هو ته پرڪشش لڳڻ لاءِ ڇاتي جي سرجري ڪرائي جيڪو مونکي برو لڳو ۽ مون ان تي عمل نه ڪيو.










